کائڻ وقت عام غلطي جيڪا ٿولهه جو سبب بڻجي ٿي

جاپاني محققن ٿولهه ۽ پيٽ نڪرڻ جو اهم سبب جلد بازي ۾ غذا کائڻ ۽ چٻاڙڻ کان سواءِ ڳيهڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو.

جاپان جي ويسيڊا يونيورسٽي ۾ ٿيل تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گھڻا ماڻهو کاڌو کائڻ وقت اها عام غلطي ڪندا آهن جيڪا انهن کي ٿولهه ۽ پيٽ ٻاهر نڪرڻ جو شڪار بڻائي ٿي.

ماهرن جو چوڻ هو ته چٻاڙي کائڻ سان جسماني وزن ۾ واڌ رڪجي ويندي آهي جڏهن ته گرهه چٻاڙڻ دوران خرچ ٿيندڙ توانائي جسماني پارو وڌائيندي آهي.

تحقيق دوران رضاڪارن کي غذا جي استعمال جي 3 مختلف ٽرائلز جو حصو بڻايو ويو.

پهرين ٽرائل ۾ رضاڪارن کي هر 30 سيڪنڊن ۾ 20 ملي ليٽر غذا ڳيهڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته ٻين ٽرائل ۾ کين چيو ويو ته هو غذا کي وات ۾ چٻاڙڻ کان سواءِ رکن ۽ پوءِ ڳهي وڃن ۽ آخري ٽرائل ۾ رضاڪارن کي 30 ملي ليٽر غذا 30 سيڪنڊن تائين چٻاڙڻ ۽ پوءِ ڳيهڻ جو چيو ويو.

تحقيق مان نتيجو ڪڍيو ويو ته چٻاڙڻ سان توانائي جو عمل تيز ٿئي ٿو جيڪو رت جي رواني به تيز ڪري ٿو ۽ جسماني پارو به وڌائي ٿو جڏهن ته ٿولهه ۽ ميٽابولڪ سينڊروم کان بچڻ ۾ مدد ملي ٿي.

ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي سائنٽيفڪ رپورٽس ۾ ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.