ڪراچي ۾ مصنوعي مريضن تي عملي تعليم لاءِ سينٽر قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ مصنوعي مريضن تي عملي تعليم لاءِ هڪ سيموليشن سينٽر تيار ڪيو ويو آهي، اڄ ان مرڪز جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڊائون يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾ آصف رحمان سيموليشن سينٽر جو افتتاح ڪيو، هن چيو ته سيموليشن طريقي سان ڪلينيڪل ماحول بڻائي مصنوعي مريض تي علاج جو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سيموليشنز جا 4 مقصد آهن جن ۾ تعليم، اسسمينٽ، رسرچ ۽ هيلٿ سسٽم سميت مريض جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو آهي.

سندس چوڻ هو ته رسرچ جي شعبي ۾ اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، آئون پيشي جي اعتبار سان انجينيئر آهيان پر سيموليشن سسٽم تي مون کان بهتر هتان جا ماهر ڳالهائي سگھن ٿا، ان سينٽر ۾ ميڊيڪل تعليم حاصل ڪندڙ بهترين عملي تعليم حاصل ڪري سگھندا.

وڏي وزير چيو ته آصف رحمان سيموليشن سينٽر 230 ملين رپين جي لاڳت سان قائم ڪيو ويو آهي، ان لاڳت ۾ 30 ملين رپيا ڪلاس-90 ڪنٽريبيوٽ ڪيا آهن، جڏهن ته ٻيا 200 ملين رپيا ڊائون يونيورسٽي خرچ ڪيا.

مراد علي شاهه تجويز ڏني ته هڪ وڏو سيموليشن سينٽر ڊائون يونيورسٽي ۾ قائم ٿئي، ۽ ٻين يونيورسٽيز جا شاگرد به ان جي ورچوئل ريئلٽي ذريعي تعليم حاصل ڪري سگھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.