جلد ڪي پي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽل بڻجي وينديون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران  ريمارڪس ڏيندي چيو ته خيبرپختونخواهه جي اسپتالن ۾ عام شهرين لاءِ ڪابه سهولت ناهي ۽ مونکي خطرو لڳي رهيو آهي ته جلد صوبي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽلز بڻجي وينديون.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ اقليتن جي عبادتگاهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪي پي جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي ڪمرشل  پلازا  ٺاهيو پيو وڃي، جنهن تي وقف ڪيل ملڪيتن واري بورڊ جي چيئرمين چيو ته تمام پراڻي ڌرم شالا هئي ۽ زمين وقف ڪيل آهي، ان تي اڏاوت ٿي سگهي ٿي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا اهڙي ريت سموريون پراڻيون عمارتون ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون؟ ،1932 ۾ اڏيل ڌرم شالا اوهان اصل حالت ۾ محفوظ نه ڪري سگهيا، چيئرمين صاحب، اوهان پنهنجي ذميوارين کان ڀڄي نٿا سگهو،  لاهور جي جين مندر ۽ نيلا گنبد معاملي تي ايف آءِ اي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟.

عدالت ايف آءِ اي کي ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي قبضي جي ڪيس ۾ شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي وارا ماڻهن کي هراسان نه ڪن،  ماڻهن کي ايف آءِ اي  وارن کان ڊڄڻ نه گهرجي ته هو کين کڻي ويندا، ايف آءِ اي وارا جاچ جي نالي تي ڄار وڇائي ڇڏيندا آهن ته ڪيتريون مڇيون وچ  ۾ ٿيون اچن، سمورو ملڪ هنن جي حرڪتن سبب بي اعتمادي جو شڪار آهي.

رميش ڪمار چيو ته خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ اقليتن جي لاءِ ڪابه سهولت ناهي، ان تي چيف جسٽس  چيف سيڪريٽري کي روسٽرم تي گهرايو ۽ سوال ڪيو  ته چيف سيڪريٽري صاحب، اوهان ڪي پي جي سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪيو آهي؟. جنهن تي چيف سيڪريٽري چيو ته هڪ اسپتال جو دورو ڪيو هو، جنهن ۾ سموريون طبي سهولتون موجود هيون.

جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان کي اهڙو بيان ڏيڻ نٿو جُڳائي، اوهان جي لاءِ ته هر هنڌ سهولت موجود آهي، خيبر پختونخواهه جي اسپتالن ۾ عام شهري جي لاءِ ڪابه سهولت ناهي، مونکي خطرو لڳي رهيو آهي ته جلد ڪي پي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽلن بڻجي وينديون.

عدالت چيف سيڪريٽري کي صوبي جي سموري اسپتالن تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.