”تو جهوم“ سان گڏ ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جي شروعات

موسيقي جي شوقينن جو ڊگھو انتظار ختم ٿيو ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو  14 هين سيزن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 ججي شروعات ليجنڊري صوفي گلوڪارا عابده پروين ۽ نصيبو لال جي ڪلام ”تو جهوم“ ذريعي ڪئي وئي.

”تو جهوم“ جي موسيقي ذوالفقار خان ۽ المعروف ذوالفي ترتيب ڏني آهي جڏهن هنن موسيقار عبدالله صديقي سان گڏ پروڊيوس ڪيو.

”تو جهوم“ ۾ جيتوڻيڪ مرڪزي گلوڪارا عابده پروين ۽ نصيبو لال آهي، پر گيت ۾ ٻين گلوڪارن به هن جو ساٿ ڏنو آهي جڏهن ته گيت کي انوکو بڻائڻ لاءِ اڌ درزن کان وڌيڪ آرٽسٽس هنن سان گڏ پرفارمنس به ڪئي آهي.

”تو جهوم“ گيت کي اڄ رليز ڪيو ويو جيڪو ڏسندي ئي وائرل ٿي ويو ۽ ان کي ٿوري دير ۾ ئي هزارين ماڻهن ڏٺو.

ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 14 جي باقاعده شروعات کان اڳ ئي ٽوئيٽر تي ان جو هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن ميوزيڪل شو سان پنهنجي اميدن جو اظهار ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.