موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ ٿڌ بابت بيان جاري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 جنوري کان سائبيرين هوائون بند ٿي وينديون، جنهن سبب ڏينهن ۽ رات جي گرمي پد ۾ واڌ ٿي ويندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 17 جنوري کان اولهه جي هوائن جو سلسلو شروع ٿيندو، جيڪي هوائون بلوچستان رستي ملڪ ۾ داخل ٿينديون.

چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته هي هوائون بلوچستان، اتر سنڌ ۽ اترين علائقن ۾ برساتن جو سبب بڻجنديون، جڏهن اترين علائقن ۾ برفباري جو به امڪان آهي.

ڪراچي جي حوالي سان سردار سرفراز چيو ته شهر ۾ 17 جنوري کان سائبيرين هوائون بند ٿي وينديون، جنهن سبب ٿڌ جي شدت گهٽجي ويندي ۽ گرمي پد وڌي ويندو.

ڪراچي ۾ ان دوران برسات ڪو امڪان ناهي، اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10.3 سينٽي گريڊ ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 22 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب هوائن ۾ گهم 61 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ۽ شهر ۾ 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن، آسمان صاف ۽ برسات جو ڪو امڪان ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.