ڀارت ۾ ريل حادثو، 9 ڄڻا فوت

نيئن دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مسافر ريل گاڏي حادثي جو شڪار ٿيڻ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب اولهه بنگال ۾ هڪ مسافر ريل گاڏي پٽڙي تان لهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

ڀارتي ريلوي جي ترجمان جو چوڻ هو ته مسافر ريل گاڏي جون 3 بوگيون پٽڙِي تان لهي ويون جنهن ۾ 45 مسافر زخمي ٿيا آهن ۽ 9 ڄڻا فوت ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.

ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي واري هنڌ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري بوگين کي ٽريڪ تان هٽائي ان کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان علائقي ۾ ٽرين سروس به بحال ڪئي وئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ريل آسام کان راجسٿان وڃي رهي هئي ته ان سان ضلعي جل پيگوري ۾ حادثو پيش آيو، حادثي جي زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

ڀارتي ريلوي وزارت حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ فوتين جي وارثن جي مالي امداد جو به اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.