سون جي في تولي اگھه ۾ وڏي گھٽتائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 24 قيراط سون جي في تولي اگھه ۾ 850 رپيا گھٽتائي ٿي آهي.

سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 850 رپيا گھٽتائي کان پوءِ هڪ تولي سون جو اگھه هڪ لک 24 هزار 750 رپيا ٿي ويو آهي.

ان کانسواءِ 10 گرام سون جو اگھه 729 رپيا گھٽجي هڪ لک 6 هزار 953 رپيا آهي.

ايسوسيئيشن موجب عالمي صرافا بازار ۾ سون جو اگھه هڪ ڊالر گھٽجي 1821 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.