وڏي وزير جو لاڪ ڊائون بابت اهم بيان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز تي لاڪ ڊائون بابت ڪو به قدم اين سي او سي جي هدايت سان مشروط ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ ڪورونا وائرس ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، ڪالهه ڪراچي ۾ تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا، پر حالتون ضابطي ۾ آهن، اسان صورتحال تي نظر رکي رهيا آهيون.

هن چيو ته فوتگين ۾واڌ ناهي ٿي، ڪيسز ۾ واڌ باوجود اسپتالن ۾ دٻاءُ ناهي وڌيو ۽ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جو انگ گهٽ آهي.

وڏي وزير چيو ته شهر ۾ لاڪ ڊائون بابت فيصلو اين سي او سي جي هدايت تي ڪيو ويندو ۽ تعليمي ادارن تي پابندين بابت به اسان جي نظر اين سي او تي آهي، ملڪي معيشت ان قابل ناهي جو پابنديون لڳايون وڃن.

مراد علي شاهه چيو ته رڳو سنڌ نه پر پوري پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌي رهيا آهن، تمام ڳڻتي جوڳي صورتحال يا وري وينٽي ليٽرز تي مريضن جو انگ ناهي وڌيو، جيڪا به حڪمت عملي يا فيصلو ٿيندو، اين سي او سي کان گڏجي ڪنداسين.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، گذريل ٽن ڏينهن دوران شرح 15 سيڪڙو کان وڌي 29 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي،جڌهن ته شهر ۾ اومي ڪرون ويرينٽ جا 95 سيڪڙوکان وڌيڪ ڪيسز آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.