نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽن جي جائزي لاءِ بورڊ جوڙي وئي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب سرڪار نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي جائزي لاءِ بورڊ جوڙي ڇڏيو.

9رڪني ميڊيڪل بورڊ 5 ڏينهن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو، جنهن جي روشني ۾ نواز شريف جي واپسي ۽ سندس ضمانتي شهباز شريف خلاف ڪارروائي جي لاءِ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

پنجاب سرڪار وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جي جائزي ۽ سندس ڏيهه واپسي بابت راءِ ڏيڻ جي لاءِ سينيئر ڊاڪٽرز تي ٻڌل 9 رڪني اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي.

بورڊ 5 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پنجاب حڪومت کي پيش ڪندو، جيڪا وفاقي حڪومت کي اماڻي ويندي.

پنجاب سرڪار جي ترجمان حسان خاور موجب بورڊ جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عارف نديم، پروفيسر آف ميڊيسن سروسز اسپتال، پروفيسر ڊاڪٽر غياث النبي طيب، پروفيسر ڊاڪٽر ثاقب سعيد، پروفيسر ڊاڪٽر شاهد حميد، پروفيسر ڊاڪٽر بلال ايس محي الدين، پروفيسر ڊاڪٽر امبرين حامد، پروفيسر ڊاڪٽر شفيق الرحمان، پروفيسر ڊاڪٽر مونا عزيز ۽ ڊاڪٽر خديجا عرفان خواجا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.