ڪريلو شُگر سميت ڪيترن ئي بيمارين جو علاج ثابت

ڪريلو ڀاڄين ۾ سڀني کان مختلف ۽ ڪڙي ذائقي واري ڀاڄي آهي، پر ڪريلو مختلف بيمارين خاص طور تي شُگر کان بچائڻ جي لاءِ تمام گهڻو فائدو ڏيندڙ ڀاڄي آهي.

ڪريلي جو ڪهڙي ريت استعمال اوهان کي شگر کان بچائڻ يا وري شگر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

ڪريلو سائي ڀاڄين ۾ سڀني کان هڪ بهترين ڀاڄي آهي ۽ شُگر  جي مريضن کي هن جو استعمال تمام گهڻو فائدو ڏئي سگهي ٿو.

پاڪستان زرعي يونيورسٽي جي محققن ڪريلي تي تحقيق ڪئي، جنهن ۾ نتيجو حاصل ٿيو ته شُگر جا مريض جيترو وڌيڪ ڪريلو کائيندا ۽ جهڙي ريت به هن کي استعمال ڪندا، اوترو وڌيڪ فائدو ٿيندو.

اوهان چاهيو ته هن کي پچائي استعمال ڪري سگهو ٿا، يا وري جوس ٺاهي پيو، پر ڪريلي کي لوڻ هڻي دير تائين نه ڇڏيو، ان سان  فائدو گهٽجي ويندو آهي.

ڪوشش ڪيو ته ڪريلي کي ٻج سميت پچايو ۽ ان کي وڌيڪ ڇلڻ کان به پاسو ڪيو ته جيئن ڀرپور غذائيت ملي سگهي.

گهٽ ۾ گهٽ 2 کان 3 ڪريلن جو جوس ٺاهي روز استعمال ڪيو، ان سان نه رڳو شُگر گهٽ ٿيندي پر ٿولهه به گهٽجي ويندي، چهرو چمڪندو  ۽ رنگ به صاف ٿي ويندو.

ڪريلو ڪٽي خشڪ ڪري ان جو پائوڊر ٺاهي روزانو هڪ يا 2 چمچا استعمال ڪيا وڃن ته نه رڳو شگر جي مريض جي لاءِ فائدو آهي، پر  موڪن جو علاج به ممڪن آهي،

ان کانسواءِ اوهان ان جي سادي ڀاڄي يا گوشت سان ملائي پچائي سگهو ٿا، گهڻا ماڻهو ڪريلي کي چڻن جي دال يا وري قيمي سان پچائي کائيندا آهن، پر هر طرح سان استعمال سان هي فائدو ئي ڏيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.