هي چاهين ٿا ته جيڪو هٿ عمران خان تي آهي اهو هنن مٿان هجي: شيخ رشيد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته تاريخي جملو چوڻ چاهيان ٿو ته چار ئي شريف پاڪستان جي سياست مان مائنس آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن آءِ ايم ايف وٽ وڃي ته حلال، عمران خان وڃي ته حرام، هي ماڻهو 23 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃي چڪا آهن، آءِ ايم ايف جا شرط سخت هئا پر پوءِ به وڃڻو پيو، ڇو ته حالتون درست ٿينديون.

هن اپوزيشن کي مخاطف ٿيندي چيو ته 2-2 لانگ مارچ ڪرڻ وڃي رهيا آهن، اسان کين رستو ڏينداسين، پر  هي 23 مارچ جي احترام کي به نظر ۾ رکن، جڏهن ته او آءِ سي جا مهمان پاڪستان ايندا، ڀارت وڙي گوڙ ڪندو.

گهرو وزير الزام لڳائيندي چيو ته تاريخي جملو چوڻ چاهيان ٿو ته چار ئي شريف پاڪستان جي سياست مان مائنس آهن،  نواز شريف اچڻ چاهي ته اچي، نٿو اچڻ چاهي ته نه اچي، هي چاهين ٿا جيڪو هٿ عمران خان جي مٿان آهي اهو هنن جي مٿان هجي، اهو هٿ هنن جي ڳچيءَ ۾ اچي سگهي ٿو پر مٿي تي نه ايندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.