ون يونٽ جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪرڻ جو فيصلو

گلشن اقبال (ن ع آ) ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ سنڌ جي ويجھي ماضيء جي شاندار جدوجھد آھي جنھنجي نتيجي ۾ سنڌ دشمن حڪمرانن جي منصوبن کي شڪست آئي ۽ سنڌ ٻيھر دنيا جي نقشي تي نروار ٿي.ان ڪاميابيء جي گولڊن جوبلي ملھائڻ لاء جوڙيل ڪميٽيء جي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ ھينئر کان پھرين جولاء (ون يونٽ ٽٽڻ جي ڏينھن) تائين مختلف سرگرمين ۽ پروگرامن جي خاڪي تي غور ڪيو ويو.ابتدائي طور طئ ڪيو ويو ته جيئي سنڌ محاذ طرفان ونيونٽ ٽوڙ تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي 119ھين سالگره جا 10 پروگرام گولڊن جوبليء جي حوالي سان ڪيا ويندا جڏھن ته اردو يونيورسٽيء جي بين الاقوامي معاملن واري شعبي پاران ھڪ سيمينار فبروريء جي ٻئي ھفتي ۾ منعقد ڪيو ويندو. وڌيڪ فيصلا 21 جنوري تي ٿيندڙ ميٽنگ ۾ ڪيا ويندا.  ڪميٽيء جا ميمبر: عبدلخالق جوڻيجو،پروفيسر اعجاز قريشي، امان لله شيخ،ڪليم دراني،ناصر منصور،پروفيسر اصغر دشتي، پروفيسر يعقوب چانڊيو،وجي آھوجا ۽ سلما جوڻيجو.ڪميٽيء جو دائرو وڌائڻ لاء آئينده ان ۾ ٻيا ميمبر به شامل ڪيا ويندا.

  • خيرپور۾ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي سخت زخمي، احتجاج

خيرپور( ڊ ر) ليبر مائنس ويلفيئر ايڪسائيز ڊيوٽي ٽيڪس جي سوراهه ٿاڻي جي حد اڀن شاهه ناڪي ۽ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد مهراڻو ناڪي تي هٿياربند مبينا حملو ڪري ناڪي ملازمن کان 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا. واقعي دوران هٿياربندن هوائي فائرنگ ڪندي ملازمن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي هٿياربند ملازمن کي سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. واقعي بعد ٻنهي ناڪن جي ملازمن سردار بخش ڌاريجو، عاشق لاکو، اعظم ڪانڌڙو، هدايت الله ڪانڌڙو، فقير عاشق رند ۽ اظهر سولنگي خيرپور پهچي احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته بااثر رياض وساڻ جي چوڻ تي توفيق وساڻ، مرتضيٰ وساڻ ۽ 5 اڻ ڄاتل هٿياربندن ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي جديد هٿيار کڻي اسان جي ناڪن تي اوچتو حملو ڪيو ۽ اسان کان 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، هٿياربندن ڦر دوران سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ اسان کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جڏهن مدد لاءِ رڙيون ڪيون ته هٿياربند  فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هنن چيو ته واقعي بعد ڪوٽڏيجي ۽ سوراهه ٿاڻي تي واقعي جو اطلاع ڏنو پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو. هنن چيو ته بااثر ٻئي ناڪا خالي ڪرڻ لاءِ اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري اسان جون جانيون غير محفوظ بڻجي ويون آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.