وڳڻ ۾ دڪان جي مالڪي تان جهيڙو،هڪ ڄڻو زخمي

لعلورائنڪ (ن ع آ) وڳڻ ۾ پراڻي بس اسٽينڊ تي دڪان جي مالڪي تان عاشق سومرو ۽ مولوي گل محمد تنيو جي ڌرين ۾ جھيڙو  ٿي پيو، جھيڙي  ۾ ڌڪ لڳڻ سبب مولوي رانجھن سومرو جي آڱر  ڀڄي پئي. سومرا ڌر جي عاشق سومرو،ـ زخمي رانجھن سومرو ۽ اھلسنت و الجماعت جي ضلعي اڳواڻ غلام سرور سومرو دانھيندي چيو ته هو امن پسند شهري آھن، 1975 کان وٺي دڪان هنن جي ملڪيت آهي، جيڪو ڊھرائي ٻيھر ٺاھي رھيا هئاسين ته مولوي گل محمد تنيو ۽ عبدالرزاق عابد لاکي حملو ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪيت هنن جي آهي.هنن مطالبو ڪيو ته حملي آورن خلاف ڪاروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي.ٻئي طرف انتظاميا تڪراري دڪان تي پوليس ويھاري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.