لاڙڪاڻي لڳ ٻن ڌرين ۾جهيڙو، 11 ڄڻا زخمي، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ بگن ڪورائي ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جتوئي ۽ ڪورائي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جتي ڏنڊا، لٺيون ۽ سِروٽا لڳڻ سبب ڪورائي برادري سان واسطو رکندڙ عورتون  حياتان خاتون، بيگم خاتون، امجد، راحب، دلبر، هوت ۽ مجاهد ڪورائي سميت ٻي ڌر سان واسطو رکندڙ منصور، زاهد، شعبان ۽ وهاب جتوئي سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. اهڙي واقعي خلاف ڪورائي برادري جي عورتن پريس ڪلب پهچي پاڪ ڪتاب کڻي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي عورتن سسي خاتون، هير خاتون، حنيفه خاتون، مردن علي مدد، عطا محمد، بلاول ڪورائي ۽ ٻين دانهيدي الزام لڳايو ته اڄ صبح جتوئي برادري جي بااثرن حد جي پير شير ٿاڻي تي ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي پوليس هٿان علي شير ڪورائي کي گرفتار ڪرائي بعد ۾ هٿياربند سان اسان جي ٻه جريب زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري حملو ڪيو جتي ڏنڊا ۽ لٺيون لڳڻ سبب اسان جون ٻه عورتون ۽ پنج مردن زخمي ٿي پيا. هنن چيو ته زرعي زمين جو کاتو ۽ رڪارڊ اسان وٽ موجود آهي ان جي باوجود بااثر بهارو جتوئي ۽ ان جا پٽ حبدار جتوئي، عبدالجبار جتوئي ۽ ٻيا اسان سان ناجائزيون ڪري رهيا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي قبضا مافيا جتوئي بهارو جتوئي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن جتوئي برادري جي عبدالجبار جتوئي ٻڌايو ته اسان جي ٻه جريب زرعي زمين آهي، جنهن معاملي تان ڪورائي برادري جي علي شير ڪورائي سان اسان جو مسئلو هلندڙ هو ۽ ڪالهه شڪارپور جي سردار فتح محمد جتوئي وٽ فيصلو هو پر ڪورائي برادري جي ماڻهن فيصلي کان انڪار ڪري ڇڏيو اڄ اسان زمينن تي هر ڪاهي رهيا هئاسين ته ڪورائي ذات جي ماڻهن حملو ڪري اسان جي چئن ڄڻن منصور، زاهد، شعبان ۽ وهاب جتوئي کي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي اسان اسپتال داخل ڪرايو آهي. ان حوالي سان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جي فرياد تي واقعي جي اهڙي اين سي داخل ڪرڻ بعد ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري اسپتال اماڻي ڇڏيو آهي وڌيڪ معاملي جي جاچ جاري آهي جيڪڏهن ڪنهن به ڌر مٿان اڳرائي يا ناانصافي ثابت ٿي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.