ميھڙ لڳ دڪان جا تالا ٽوڙي، چوري، جوابدار فرار

ميهڙ ( ت ر)ميهڙ  اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گاهي مهيسر روڊ تي ايڪسائيز آفيس ڀرسان نامعلوم چور واپاري وزير مهيسر جي گرين مرجنٽ جي  دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ داخل ٿي دڪان ۾ پيل هڪ لک روپين کان وڌيڪ رقم چوري ڪري دڪان مان نڪري رهيا ته ته سامهون هڪ دڪاندار چورن کي ڏسي دانهون ۽ هڪلون ڪيون بعد ۾ دڪاندارن چورن جو هڪ ڪلو ميٽر تائين پيڇو ڪيو پر جوابدار فرار ٿي ويا ۔ دڪاندارن موجب اسان اي سيڪشن پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو پر پوليس موقعي تي پهچي نه سگهي ۔ جنهن سبب جوابدار فرار ٿي ويا ۔ هنن چيو ته ميهڙ ۾ بدامني وڌي وئي آهي پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.