ڪشمور ۾ ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو، ايس ٽي پي جو ڌرڻو

ڪشمور (دليپ ڪيسواڻي وٽان) ڪشمور ۾ بليڪ تي ڀاڻ جو وڪرو جاري آهي، جڏهن ته ڀاڻ ڊيلرن ۽ روينيو عملدارن خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي  اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ڪارڪنن انتظاميا ۽ ڀاڻ ڊيلرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي رفيق چني، احمد نواز گولاٽو، غلام عباس دايو ۽ ٻين روينيو عملدارن مٿان الزام هنيو ته 1770 رپين ۾ ڀاڻ جي في ٻوري وڪرو ڪرڻ بدران 29 سئو رپين ۾بليڪ تي وڪرو ڪئي وڃي ٿي ڀاڻ بليڪ تي وڪري ۾ روينيو جو فوڪل پرسن ارشاد کوسو ملوث آهي جيڪو ھر ٻوري تي 8 سئو رپيا ڊيلرن کان ڪميشن وصول ڪري ايندڙ ڀاڻ ڊيلرن حوالي ڪري رهيو آهي.هنن مطالبو ڪيو ته ڪشمور ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪري ۾ ملوث روينيو عملدارن ۽ ڀاڻ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.