قاتل گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي 6 مهينا ۽ مهينو اڳ مبينا قتل ٿي ويل ٻن سڳن ڀائرن سمير بروهي ۽ جميل بروهي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مبينا قتل ٿي ويل ٻنهي ڀائرن جي امڙ عورت شبانه خاتون بروهي پنهنجي ڀينرن آسيه خاتون، گل زيب بروهي ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 13 آگسٽ تي گهٽي ۾ گهر اڳيان ويهڻ کان منع ڪرڻ تي خاتون پوليس اهلڪار ارجمه شاهين پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي پنهنجي نوجوان پٽ سمير بروهي مٿان تشدد ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جنهن واقعي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي داخل آهي، جنهن ۾ پوليس صرف ٻن جوابدارن عدالت جسڪاڻي ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته خاتون پوليس اهلڪار ارجمه شاهين ۽ ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي ويتر جوابدار ڌر سمير جي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ پوليس ذريعي حراسان ڪندي هئي جن حد جي دڙي ٿاڻي تي منهنجي پيرسن پيءُ محمد شمن، امڙ زرينه خاتون ڀائرن بابر بروهي، امداد، قلندر بخش بروهي مٿان چوريءَ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جنهن تي پوليس ڀاءُ بابر بروهي کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته گذريل 8 نومبر تي جوابدار ڌر ماڻهن منهنجي ٻي پٽ جميل بروهي کي پڻ موٽرسائيڪلن جا زوردار ٽڪر هڻي خون ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس حد جي دڙي ٿاڻي تي جوابدارن غلام پرور جسڪاڻي، اصغر علي ڀٽو، فياض علي تنيو ۽ ٻين مٿان داخل ڪرايو جنهن ۾ پوليس هن وقت تائين هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو ويتر جوابدار ڌر طرفان احتجاج ڪري اسان مٿان گهر تي حملي ۽ ڦر لٽ جا بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.