خيرپور ۾ ڀاڻ ناياب، بليڪ تي وڪرو، آبادگارن جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

خيرپور (س ر ) سنڌ سميت خيرپور ۾ يوريا ڪلر ڀاڻ ناياب بڻجي ويو آھي هن سلسلي ۾ خيرپورضلعي جي آبادگارن  پنجهٽي چوڪ تي ڌرڻو هڻي ،ٻنهي پاسن کان روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرا ڪيا مظاهرين ۾ شريڪ آبادگارن زبيراحمد ڦلپوٽو، ڊاڪٽر پيارو خان ، غلام صفدر ڦلپوٽو، حاجي عبدالغني ڦلپوٽو، منظور حسين ڪٽوهر، مصري خان نورمحمد مري شمن خان محمداشرف موريجو ۽ اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته  يوريا ڪلر ڀاڻ جي ڊيلرن ضلعي انتظاميان جي ملي ڀڳت سان ضلعي ۾ ڪلر ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آھي، سياسي توڙي انتظاميا هائوسن ۽ آفيسن ۾ ويهي ڀاڻ من پسند ماڻهو کي ٽوڪن ڪٽي ڌنو وڃي ٿو اهي من پسند  ماڻهو اتي ئي ٽوڪن وٺي واپارين کي ڪميشن عيوض وڪرو ڪري ڏين ٿا جنهن ڪري غريب آبادگار کي ڀاڻ بليڪ تي ڏنو وڃي ٿو،جڏهن ته يوريا ڪلر ڀاڻ بليڪ ريٽ تي في ٻوري 1800 بجاء 3000 هزار روپيه کان وڌيڪ جي من پسند اگهه تي وافر مقدار ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي ، پر غريب هاري ۽ ننڊا آبادگار هٿرادو اگهه ۽ بليڪ تي ڪلر ڀاڻ خريد ڪرڻ کان قاصر بڻيل آھن  جنهن ڪري ڪڻڪ سميت ٻيا فصل سڙي تباهي ڪناري پهتل آھن پر اهڙي ظلم ۽ سطم  خلاف صوبائي توڙي ضلعي حڪومت ڪاروائي ڪرڻ بجاء خاموش تماشائي بڻيل آھن جنهن ڪري اسان مجبور ٿي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪري رهيا آھيون ، آبادگارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  زراعت جي صوبائي وزير ۽ مشير ، چيف سيڪريٽري ضلعي انتظاميان  کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي خيرپور ضلعي جي آبادگارن کي سرڪاري مقرر ٿيل اگهه تي يوريا ڪلر ڀاڻ جي خريداري کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بليڪ تي ڪلر وڪرو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.