لاڙڪاڻي ۾سرڪاري نوڪري جو ڏٺو ڏئي رشوت طلب، همراهه گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) اينٽي ڪرپشن پوليس ٽيم ڪاروائي ڪندي سرڪاري نوڪري نوڪري ڏيارڻ بهاني رشوت وٺڻ تي سول ڊفينس جي انسٽرڪٽر کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام سرور ابڙو جي هدايتن تي سرڪل آفيسر عبدالستار چانڊيو پنهنجي ٽيم سان گڏجي شهر جي باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري سرڪاري نوڪري بهاني رشوت وٺڻ تي اتاترڪ ٽاور واري علائقي جي رهواسي سول ڊفينس جي انسٽرڪٽر نياز حسين شيخ کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر عبدالستار چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سال 14-2013ع دوران سرڪاري نوڪري ڏيارڻ بهاني سول ڊفينس جي انسٽرڪٽر نياز حسين شيخ شاهدن جي روبرو مصطفيٰ حسين لاهوري کان 7 لک روپيه رشوت ورتي هئي اڄ فريادي مصطفيٰ حسين لاهوري جي فرياد تي گناهه نمبر 2022/01 تحت اهڙو ڪيس داخل ڪري جوابدار نياز حسين شيخ کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيس ۾ ٻيا به جوابدار نامزد آهن جن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

  • آريجن جا ڪيترائي ڳوٺ گئس جي سهولت کان محروم، ڳوٺاڻا پريشان

خير محمد آريجا  ( رپورٽ: سيد عطا محمد شاھه ) خير محمد آريجا جي ڪيترن ئي ڳوٺن قلندرآباد ،ڪنبي سنديلا، محمد واهڻ، جهنڊو سهڙو،پراڻي گڏ، پنجوديرو ، غلام علي چنا، ابوصمد تونيو، ڪڙيو، ميان اسحاق کوهارو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جنهن ۾ اڳوڻو ڪائونسلر شفيع محمد بروهي، ڊاڪٽر شاهنواز سنديلو، احمد بخش سهڙو، محمد اويس سهڙو،  الطاف حسين تونيو، عبدالرسول کوهارو ،ديدار علي کوهارو ۽ ٻين خير محمد آريجا پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺن جي ٿوري مفاصلي تي سوئي گئس جون مين لائينيون ڪراس ڪن ٿيون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا ڳوٺ سوئي گئس جي سهولت کان محروم آهيون ڪافي ڀيرا اسان تڪ جي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو کي اهڙيون شڪايتون ڪيون آهن ته توهان تڪ جا ايم ين اي آهيون اسان هميشه  پ پ جا عهديدار آهيون ۽ پ پ کي ووٽ ڪيو آهي توهان اسان کي سوئي گئس منظور ڪرائي نه ٿا ڏيو ڪافي ڀيرا توهان اسان کي سکڻا دلاسا ۽ آسرا ڏيو ٿا پر هن وقت تائين اسان جي شڪايتن تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي عهديدارن  پ پ  چيئرمين ۽ سوئي گئس جي اعليٰ عملدارن سميت انتظاميا کي اپيل ڪئي ته خدارا اسان جي ڳوٺن ۾ سوئي گئس منظور ڪرائي سوئي گئس جي سهولت فراهم ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.