قمبر ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڀاڻ کوٽ خلاف ڌرڻو

قمبر (ڊ ر) قمبر ۾ مهانگائي، بيروزگاري، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف ۽ مدرسن جي بحالي لاءِ جي يو آءِ جي ڪارڪنن  ڊي سي آفيس وٽان   حتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو، عذير گل جاگيراڻي، يونس لاکو، حافظ عبدالرزاق سولنگي ۽ ٻين چيو ته مرڪزي حڪومت سميت سنڌ سرڪار غريب عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سبب آبادگارن جو فصل سڙي رهيو آهي ۽ آبادگارن کي ڪرڙوين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي ٻئي طرف ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب بدامني جي باھ پوري ملڪ کي وڪوڙي وئي آهي. هنن چيو ته ڪجهه لبرل ۽ تنگ ذهن رکندڙ مسجد ۽ مدرسن کي مسمار ڪرڻ جي سازشون ڪري رهيا آهن، سندن ناپاڪ سازشون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏبيون، هي ملڪ اسلامي نظريي تي حاصل ڪيو ويو هو ۽ هن ملڪ ۾ اسلامي نظام کي لاڳو ڪرڻ ئي جي يو آءِ جو مقصد ۽ منشور آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.