دوداپور لڳ مڙس هٿان زال قتل، جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

دوداپور ( ن ع آ ) دوداپور ويجهو هانءُ ڏاريندڙ واقعو  گهرو اڻبڻت تان مڙس ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري زال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي،خبر موجب دوداپور ويجهو محمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ظريف جکراڻي ۾ مڙس مير هزار جکراڻي پاران فائر ڪري پنهنجي نوجوان زال مسمات اميران کي زخمي ڪري ڇڏيو زال کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ مٿان به ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، زخمي عورت کي وارث علاج لاء لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيا ته اسپتال پهچڻ کان اڳ زخمي عورت زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي رابطو ڪرڻ تي فوتي نوجوان جي سئوٽ امداد جکراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته سئوٽ ڪجهه ڏينهن کان مسلسل مايوس هو گهرن اندر فائر جو آواز ٻڌڻ بعد اتي پهتاسون ته نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ عورت کي زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻي کڻائي وڃي رهيا هئاسين ته هو به رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي محمد پور پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو گھرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال ڳڙھي خيرو منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي ٿيل عورت کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو جيڪا رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي پوليس مطابق وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون جڏهن ته مقتول نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آخري اطلاع تان واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو جڏهن ته ٻنھي مقتولن جي تدفين سڀاڻي ڪئي ويندي آخري اطلاع تان واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.