ڪوٽڏيجي ۾آبادگارن جو ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڌرڻو

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ جو اباڻو علائقو نڌڻڪو بڻيل جتي منافعي خور  ڊيلرن پاران يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري  في يوريا ڀاڻ جي ٻوري جو اگھ 3 هزار رپيا مقرر ڪرڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪندي جبار لاشاري، ارشاد مهراڻي ،محمد بخش، صاحب ڏنو محمد شريف، مومن علي ۽ ٻين چيو ته منافعي خور ڊيلرن يوريا ڀاڻ جا ٽرالر گهرائي پنهنجي گدامن ۾ لڪائي رات جي آندري ۾ مختلف ڳوٺن ۾ يوريا ڀاڻ کڻي وڃي ايجنٽن ذريعي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي محمد عاصم عباسي مختيار ڪار، حافظ علي نواز ڪولاچي ۽ ايگريڪلچر کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ولي محمد ڄامڙو يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي بدران پنهنجي آفيسن ۾ گهرائي حصو پتي مقرر ڪري منظر عام تان غائب ٿي ويا آهن هو ملڻ لاءِ تيار ناهن اي سي ڪوٽڏيجي ۽ مختيار ڪار ڪوٽڏيجي جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪ جي پيا آهيون اي سي ڪوٽڏيجي ۽ مختيار ڪار ڪوٽڏيجي رڳو من پسند ۽ بااثرن جي هارين کي يوريا ڀاڻ ڏياري رهيا آهن يوريا ڀاڻ نه ملڻ ڪري زمينون غير آباد ٿيڻ لڳيون آهن، زمين ۾ ڇٽيل ڪڻڪ ٻيو فصل تباهه ٿيڻ ڪري لکين رپين جي نقصان ٿي رهيو آهي  مسلسل دانھون ۽ ڪوڪو ڪرڻ باوجود غريب آبادگارن تي هنن کي ڪو رحم نه ٿو اچي سڄو سڄو ڏينهن ڪلر جو انتظار ڪري شام جو خالي گهر واپس موٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون هنن وڌيڪ چيو ته اڳ ئي مهانگائي اسان جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي مٿان وري يوريا ڀاڻ جي کوٽ هجڻ ڪري  لکين رپين جو نقصان ٿيڻ ڪري واپارين جا قرضي ٿي ويا آهيو متاثرن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي سنڌ، زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي منافعي خور ڊيلرن ۽ مختيار ڪار ڪوٽڏيجي خلاف ڪارروائي ڪري سستي اگهه تي يوريا ڀاڻ ڏياري نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

  • جاتي ۾ جبري پورهيو ڪرائڻ تي هوٽل مالڪ گرفتار

سجاول (ڊ ر) جاتي ۾ ننڍي عمر جي ٻار کان جبري پورهيو ڪرائڻ تي پوليس ڪيفي عبدالرحمان تي ڇاپو ھڻي 11 سالن جي نينگر فضل پٽ ميوو خان کي بازياب ڪرائي ھوٽل مالڪ نور زمان پٽ عبدالودود پٺاڻ کي گرفتار ڪري مٿس ٽريفڪنگ ان پرسن ايڪٽ 2018 ع تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو .

  • رتوديرو  ۾ چوري الزام هيٺ آيل پورهيت تي تشدد، بيهوش

لاڙڪاڻو(ڊ ر) مينهن چوري جي الزام هيٺ گرفتار سِرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت نئون ديرو پوليس جي مبينا تشدد  ۾ بيهوش ٿي پيو جنهن کي پوليس اسپتال داخل ڪرايو جتي وارثن احتجاج ڪندي پوليس خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس مينهن چوري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سِرن جي بٺي تي پورهيو ڪندڙ ڳوٺ باغ علي گوپانگ واسي پورهيت ممتاز علي پٽ نادر گوپانگ کي بيهوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو اهڙي سڌ پوڻ تي پورهيت جا وارث اسپتال پهتا جن کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي زارون قطار روئيندا رهيا جتي هنن نئون ديرو پوليس خلاف احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي پورهيت جي ڀاءُ گلشير گوپانگ پنهنجي امڙ نظيران، ناني سڦوران گوپانگ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل مهيني ڳوٺ جي بااثر نياز چنو جون مينهون نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا هئا جنهن جو الزام منهنجي ڀاءُ ممتاز مٿان لڳائي ٽي ڏينهن اڳ نئون ديرو ٿاڻي جي پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بعد ڀاءُ کي مختلف هنڌن تي لڪائي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ناسن ۾ چوني جو پاڻي وجهي کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي پوليس کيس اسپتال داخل ڪرايو آهي. هن چيو ته منهنجو ڀاءُ سِرن جي بٺي تي مزدور ڪري پنهنجي ٻچڙن ۽ اسان جو پٽ گذر ڪندو آهي جنهن مٿان مينهون چوري جو الزام لڳائي وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ کي آزاد ڪري سندس مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.