پنو عاقل ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، بليڪ تي وڪرو، مختيار ڪار آفيس آڏو بک هڙتال

پنو عاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پنوعاقل ۾ يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ خلاف مختيار ڪار آفيس آڏو ھارين ۽ آبادگارن  جو احتجاج علامتي بک ھڙتال، سياسي سماجي شھري واپاري ۽  ھارين پاران ميان خير الدين انڍڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي شعبان سنڌي، شاھد جتوئي،گلشن ملڪ ۽ ٻين  شھرين ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل ھڪ مھيني کان ھٿ سان يوريا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري ڪڻڪ سميت ٻين فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو آھي،  پنوعاقل ۾ 10 کان وڌيڪ ڊيلر يوريا ڀاڻ گدامن ۾ زخيرو ڪري رکيو آھي،پورھيتن جي بار بار چوڻ باوجود اسان کي يوريا ڀاڻ نٿو ملي، ڪمشنر ۽ ڊي سي سکر سميت گھر ڪئي ته پنوعاقل مان ھٿرادو خوٽ ختم ڪري ھارين کي سرڪاري ريٽ تحت ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.