اوٻاوڙو لڳ ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو مريدشاخ ويجهو پنجاب جي علائقي احمدپور لمحه اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڊمپرجو موٽر سائيڪل کي آمهون سامهون زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان شير خان نالي شخص موقعي تي  فوت ٿي ويو ۽ شاھ محمد سولنگي سخت زخمي ٿي پيو علائقي واسين جي اطلاع تي 1122 ريسڪيو ٽيم ۽ احمد پور لمحه پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوت جولاش ۽ زخمي کي کڻائي شيخ زيد اسپتال رحيميار پھچايو جتي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو  ۽ زخمي اسپتال داخل ھوڏانھن ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو پوليس ڊمپر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.