ڪرونڊي واسين سان پنجاب ۾ حادثو، 3 ڄڻا فوت، گهر ۾ ماتم

ڪرونڊي(ن ع آ) ڪرونڊي جي پپر چوڪ ڪالوني واسي ڪٽنب سان پنجاب جي بکر واري علائقي ۾ هانء ڏاريندڙ واقعو پيش آيو تيز  رفتار ڪوچ ڪيري وين مٿان چڙھي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب ۾ شادي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ڪرونڊي ايند ڙ ڪٽنب جا اعجاز رحماني سندس ڀيڻ صائمه ۽ فوتي عورت جو پٽ مدثر رحماني وين ڪيري ۾ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا اطلاع تي حد جي پوليس پهچي لاش ڪيري مان ڪڍي اسپتال پهچائي وارثن کي اطلاع ڪيو جيڪي ڪرونڊي کان روانا ٿي ويا جڏھن ته ڪجه ڏينهن اڳ اعجاز رحماني سندس ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي سميت مائٽن جي شادي ۾ ويل هو جتان واپس اچي رهيو هو ته حادثي ۾ 3ڄڻا فوت ٿيا جڏھن ته اهڙي واقعي بعد ڪرونڊي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو جڏھن ته سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.