دوداپور لڳ شاگردن کان موٽر سائيڪل ڦر، احتجاج

دو داپور ( ن ع آ ) دوداپور ويجهو محمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير جان چاچڙ لاڙي ڀرسان اسڪولي شاگردن کان نامعلوم ھٿياربندن سي ڊي 2019 ماڊل موٽر سائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،نتيجي ۾ ڳوٺاڻن عبدالحق چاچڙ استاد عبدالغني چاچڙ ظريف چاچڙ جي اڳواڻي ۾ محمد پور ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته محمد پور ٿاڻي جي لڳ اسڪولي شاگردڻ کان نامعلوم هٿياربندن موٽرسائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، ڦورن کي پوليس جي طرفان ڇوٽ مليل آهي جو سرعام پوليس جي ٿاڻن جي اڳيان ڦورو ڦر ڪن ٿا ۽ آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا.احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي امن امان بحال ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.