رتوديرو لڳ ڊاٽسن جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت، 3 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو ڀرسان جيڪب آباد روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن جو ڪار سان ٽڪر جي نتيجي ۾ پيرسن فوت ڊاٽسن ڊرائيور سميت ٽي ڄڻا  زخمي ٿي پيا آهن، ان سلسلي ۾ ڪالهه رتوديرو شهر ڀرسان جيڪب آباد روڊ تي جيڪب آباد ويندڙ تيز رفتار ڊاٽسن جو ڪار سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ عبدالرشيد بروهي واسي پيرسن عبدالله ساسولي، اسلم بروهي، صدام بروهي ۽ ڊيرا مراد جمالي واسي ڊاٽسن ڊرائيور مشتاق احمد ڀنگر سخت زخمي ٿي پيو جن کي آسپاس جي ماڻهن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي پيرسن عبدالله ساسولي فوت ٿي ويو ۽ ٻين زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جن مان ڊاٽسن ڊرائيور جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي بروهي برادري جي زخمين ٻڌايو ته اسين ڪار تي ڳوٺ کان رتوديرو شهر وڃي رهيا هئاسين ته جيڪب آباد روڊ تي تيز رفتار ڊاٽسن جو اسان جي ڪار سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن عبدالله ساسولي فوت ۽ ڊاٽسن ڊرائيور سميت اسان زخمي ٿيا آهيون. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.