راڄوخاناڻي ۾ پوليس جون منشيات خلاف ڪارروايون،4 ڄڻا گرفتار

راڄوخاناڻي (رپورٽ:امداد علي نظاماڻي)راڄوخاناڻي پوليس جي اهلڪارن سراج احمد. انور حسين جسڪاڻي. لعل بخش پنھور. ڪنڊولٻاري. مير امام بخش ۽ ٻين راڄوخاناڻي حاجي سانوڻ مين روڊ جي ڀيل اسٽاپ وٽ ھڪڙي گاڏي کي ھٿ ڪري ورتو جنهن مان پوليس ھڪ سئو ٻه 102 ڪٽا ھٿ ڪيا جنهن م مين پڙيون ۽ مين پڙيون ٺاهڻ م استعمال ٿيندڙ ميٽريل چورو ء ٻيو سامان برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪندي ٻن ڄڻن گاڏي ڊرائيور ڄام ھڪڙي ٻئي ھمراھ شھزاد رضا کوسو  کي گرفتار ڪري ورتو آهي انھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جڏھن انھي ڪيس ھڪ ٽيون ھمراھ فرار ٿي ويو جنهن کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته راڄوخاناڻي پوليس راڄوخاناڻي ڀرسان چئنل موري وٽان ھڪڙي ڪچي شراب جي اڏي تي ڇاپو هڻي غلام نبي نالي ھمراھ کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪندي ھڪ سئو ستر170 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي راڄوخاناڻي پوليس جو چوڻ آهي راڄوخاناڻي شهر ۽ اس پاس ۾ ڪابه سماج دشمن سرگرمي برداشت نه ڪبي منشيات فروشن خلاف بنا فرق آپريشن جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.