ٽنڊو مستي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، ڀلوڙ مينهن چوري، احتجاج

ٽنڊومستي   (ن ع آ)ٽنڊومستي  ڀرسان اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد مان ھڪ ڏينھن اڳ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد مان نامعلوم چور ڳوٺاڻي غلام اڪبر پنجابي جي گھر ۾ داخل ٿي  ڀلور نسل جي هڪ  مينهن  ڪاھي فرار ٿي وڃي رهيا هئا ته گهر ڌڻي سڄاڳ ٿي پيا جن بروقت ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي چونڪي انچارج سوھو ڪناسرا پوليس پارٽي ساڻ ڪري چورن جو پيڇو ڪيو ۽ اسپيشل ٽيم ون خيرپور کي چورن جو اطلاع ڏنو بعد ۾ اسپيشل ٽيم خيرپور ون جي انچارج نور محمد سيال چورن جي ناڪابندي ڪري انهن جو گهرو تنگ ڪيو ته نامعلوم چور اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ روهڙي ڪئنال لڳ ڇر واري جهنگ ۾ چوري ٿيل مينهن کي ڇڏي اونداھي جو فائدو وٺي  فرار ٿي ويا . بعد ۾ پوليس برآمد ٿيل مينهن قانوني گھرجون پوريون ڪري اصل مالڪن جي حوالي ڪري ڇڏي . ھوڏانھن اسپيشل ٽيم خيرپور ون جي انچارج ۽ پوليس چونڪي سوھو ڪناسرا جي انچارج جي بروقت ڪاروائي ڪري چوري ٿيل مينهن چورن کان ڇڏرائي مالڪ حوالي ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور پاران پوليس پارٽي کي شاباسي پڻ ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.