ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، باگو ڀٽو ۾هنڌو برادري جو احتجاج

باگو ڀٽو (رپورٽ: اجيت ڪمار ) گذريل ڏينهن ڏھرڪي جي رھواسي وير ڀان پُٽ سومر مل کان اڻجاتل ھٿيار بندن ڪراچي ڪلفٽن شون سرڪل جي ايريا ۾ موجود الفلاع  بئنڪ مان لکين رپيا ڪڍرائي ڪري ٻاهر نڪرندڙ ھنڌو نوجوان کان  ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن پاران کيس ويرڀان کي گوليون هڻي با آساني فرار ٿي ويا ھئا ھنڌو نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو جڏهن ته ھندو ينگ منارٽي ڏھرڪي ۽ ھنڌو پنچائت ڏھرڪي پاران سخت لفظن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ، انھي موقعي تي ھندو ينگ منارٽي جي اڳواڻن نريش ڪمار تلريجا، لجپت ڪمار،مڪيش ڪمار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھندو برادري سان روزاني جي بنياد تي ڏوھي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ھاڻي اسين پاڻ کي بلڪل غير محفوظ سمجهي رهيا آھيون ۽ اسان کي سنڌ اندر ڪاروبار ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائن جو منھن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اسان جا دلال اقليتي نمائندا به انڌا،گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن ۽ اسان کان جيئن جو حق کسي رھيا آھن جيڪي اسيمبلي ھالن ۾ ھندو برادري جي حقن ۾ ڳالھائڻ بدران رڳو پي پي حڪومت کان پنھنجا مفاد حاصل ڪندي عياشين ۾ پورا آھن اسان ھنڌو ينگ منيارٽي پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيف آف آرمي اسٽاف، سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي ويرڀان جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ھنڌو برادري سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو سڏ ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.