سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي پئي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان ھيومن رائٽس ايڪٽيوسٽ ماروي اعواڻ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪاشف صديقي، اسلم لاکير، مير محمد منگي ۽ ٻين ملاقات ڪئي۔ ان موقعي ملڪ ۽ سنڌ ۾ انسان حقن، بيڊ گورننس ۽ ڪرپشن سبب بدتر حالتن جو جائزو ورتو۔ ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس کي  غير جانبدار ڪرڻ کانسواء عوام کي انصاف نه ملندو۔ حڪمران طبقو، بلڊر مافيا ۽ امير طبقو پوليس کي سياسي ۽ ذاتي مقصدن لاء استعمال ڪري ٿو۔ غريب ۽ مسڪين ماڻھو لتاڙيا ۽ ماريا وڃن ٿا۔ انھن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ عورتون ٻار ۽ اقليتون غير محفوظ آھن۔ نياڻيون اغوا ڪر زبردستي مذھب تبديل ڪري شاديون ڪرايون وڃن ٿيون۔ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رھيون آھن۔ قبيلائي دھشتگردي ۾ معصوم ماڻھن کي غلام بنايو ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي ماڻھن جي جيئڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آھن۔ پورھيت، ھاري ۽ غريب ماڻھو 2 ويلا ماني کان محروم ھجڻ ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ گھارو ٿاڻي ۾ قتل ڪيل اي ايس آئي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي۔ ناظم جوکيو جي وارثن کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.