سنڌين کي تيزي سان اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ ملير پاران پورٽ قاسم انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي قديمي ڳوٺ محمد خان گبول تي چڙھائي ڪري عورتن، ٻارڙن ۽ ٻڍڙن تي وحشياڻو تشدد ۽ گرفتار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪري ٿي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن رستم ميراڻي، ستار گوپانگ، ايڊوڪيٽ عبدالله ٻپڙ، نظير ميمڻ، زبير نوناري مريم گوپانگ، پرھ سومرو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته محمد خان ڳوٺ جي خلاف پورٽ قاسم ۽ روينيو ڊپارٽمينٽ جي ملي ڀڳت سان ڪاروائي دراصل سنڌين کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ جي سازش جو حصو آھي. هڪ طرف سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي ڌارين کي نيلام ڪيون پيون وڃن ٻئي طرف ڪراچي ۾ سنڌي ۽ بلوچ ڀائرن جي قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪيو پيو وڃي جيڪا سنڌين کي سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪري حق حڪمراني کسڻ جي سازش آھي سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ مريم گوپانگ ۽ پرهه سومرو چيو ته سنڌي ڳوٺ محمد خان گبول ڳوٺ کي ڊاهڻ دوران عورتن ۽ ٻار تي تشدد ڪري کين اڻڄاتل هننڌ منتقل ڪيو ويو آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪجي ٿي عورتن ۽ ٻارن کي ڦورن آزاد ڪيو وڃي عوامي تحريڪ مطالبو ڪري ٿي ته محمد خان گبول ڳوٺ جي رهواسين کي ڦورن آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪاروائي ڪندڙ زميوار آفيسر خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.