رائونتي ۾ پوليس ڪارروايون، گهربل ٻه جوابدار هٿيارن سميت گرفتار

رائونتي (رپورٽ : منير شر )  ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر خان مغل جي ھدايتن تي گھوٽڪي ضلعي جي پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪاروايون  جاري خبر موجب ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر خان مغل جي پريس ترجمان مطابق وسطي جيوڻ شاهه سب انسپيڪٽر غلام عباس سندراڻي گزريل رات دوران گشت خفيه اطلاع ملڻ تي ڪچي سڙڪ نزد چئو گھاٽي واري علائقي ۾  بھترين ڪاروائي ڪندي پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ گھربل ٻن ڏوھارين اجمل پٽ امام بخش ميراڻي مير حسن پٽ محمد عيسيٰ ميراڻي  کي اسلحي سميت گرفتار ڪري ورتو آهي جڏھن ته  ھنن جا ٻيا ساٿي غلام عباس ميراڻي ۽ ھڪ نامعلوم اونداھي جو فائدو وٺندي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن جي ڳولا لاءِ پوليس پاران ڪاروايون جاري آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.