ڳاڙھي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن،3 ڪلينڪون سيل

گھوڙا ٻاري (ن ع آ) ڳاڙھي شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ٽي اسپتالون سيل ڪيون ويون. هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي  ٽيم  فوڪل پرسن ڊاڪٽر اظھر جي اڳواڻي ۾ ڇاپا ھڻي ٽن عطائي ڊاڪٽرن مشتاق گلڙي، مريم شاهه بٺوري واري ۽ جيئند خاصخيلي جي اسپتالن کي سيل ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي هيلٿ ڪيئر ڪميشن عطائي ڊاڪٽرن کي وارننگ ڏني ته هنن ٻيھر ڪلينڪون کوليون مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو. هوڏانهن ڳاڙھو شهر ۾ 30 سالن کان ڪلينڪ کولي ويڄل عطائي ڊاڪٽر عابده ممتاز خواجو هليٿ ڪيئر ڪميشن ۽ ٺٽو فوڪل پرسن ٽيم کي ڏسندي ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿيڻ جي ڪوشيش ڪئي ته پوليس کيس جهلي هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم حوالي ڪيو. هيلٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم عطائي ڊاڪٽر عابده خواجو کي پابند ڪيو ته ٻيھر اسپتال کولي وئي ته قانوني ائڪشن وٺي ڪلينڪ کي سيل ڪيو ويندو. جڏھن ته لڇمڻ داس، شڪيل ميمڻ، ماما غلام رسول ميمڻ، محمد حسن ماڇي، ليلا ميمڻ، واحد شيدي، بلوير عزيز راڻو، زبير ميمڻ ۽ ٻيا عطائي ڊاڪٽر ھليٿ ڪيئر ڪميشن ٽيم جو ٻڌندي ئي اسپالون بند ڪري فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.