ناميارو شاعر حنيف عاطر جهڏي ۾مٽي ماءُ حوالي

جهڏو( رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي ) سنڌي ۽ اردو ادب جو ناميارو شاعرراڻا حنيف عاطر جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي، سنڌي ٻولي کي خوبصورت تخيلقون ڏيندڙ ڌرتي کي ماءُ جيان چاهيندڙ سنڌ جو يگانو شاعر راڻا حنيف عاطر گذريل 10 ورهين کان فالج جي موضي مرض سان جهڙيندي دم ڏنو، جنهن جي جنازي نماز جامع مسجد جهڏي ۾ ادا ڪئي وئي. جڏهن ته سندس جنازي نماز ۾ ايوب کوسو، اياز رضوي، وسيم راهمون، جي ايم هوت، عابد انصاري، فرحان ڪنڀر، عباس کوسو، قادر سيال جهڏائي، خالد صدف، شاهد مجيد قائمخاني، نياز علي کوسو، اشوڪ شرما سميت شهر جي سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي. ياد رهي ته راڻا حنيف عاطر جا اکين رنج ميڙيا، ڌرتي جو قرض، لڙڪن جوقرض ۽ هوا ڪا لهجا مجموعا پڌرا ٿيا. ٻئي پاسي سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن رکيل مورائي، تاج جويو، رزاق عاصي، فياض چنڊ ڪليري، بخشل باغي ۽ ٻين حنيف عاطر جي وڇوڙي کي سنڌي ادب لاءِ وڏو خال قرار ڏنو آهي. هنن چيو ته حنيف عاطر سنڌ جو انتهائي سگهارو شاعر هو. هن سنڌ کي پنهنجو وطن چئي سنڌ سان محبتن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.