گهوٽڪي ۾ چوڪيدار جي گهر تي ڪاهه، معصوم پٽ تشدد ۾ زخمي، احتجاج

گهوٽڪي(ڊ ر) اسڪارپ ڪالوني گهوٽڪي ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ جي ميمبر ٽيوب ويل چوڪيدار سڪندر  علي ڪلهوڙو احتجاج ڪندي چيو ته پنهنجي ٻارن سان گڏ ڪوارٽر ۾ موجود هو ته وزير کهاوڙ، يوسف کهاوڙ سرڪاري رهائشي ڪالوني تي حملو ڪرايو جنهن ۾ حملي آورن پسٽل، لٺين ڪهاڙين سان چادر ۽ خوديواري جو تقدس پامال ڪندي گهر اندر داخل ٿي ويا جڏهن ته ڪوارٽر جي مالڪ گهر ڌڻي ٽيوب ويل چوڪيدار سڪندر علي ڪلهوڙو ۽ سندس ٻچڙن تي تشدد ڪيو ويو جنهن ۾ سندس معصوم پٽ زخمي ٿي پيو کيس سکر اسپتال داخل ڪرايو ويو جنهنجي حالت نازڪ ٻڌائي ٿي وڃي، ٻئي طرف هٿياربندن سرڪاري رهائشي  اسڪارپ ڪالوني آفيس ۾ موجود هيڊ ڪلارڪ دوست علي گوپانگ ۽ گهوٽڪي ڪالوني جي سب انجنيئر وليد  ۽ ڪلارڪ سليم  سان پڻ بدتميزي ڪئي ان سلسلي ۾ متاثر ڪوارٽر جي مالڪ  ٽيوب ويل چوڪيدار سڪندر علي احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن جي نالي تي قانون موجب ڪوارٽر نمبر ايف. 06 الاٽمينٽ ٿيل آهي ۽ هن جي پگهار مان هائوس رينٽ الائونس به ڪٽجي  ٿو، پوءِ به وزير کهاوڙ سوين هٿياربند ساڻ ڪري سرڪاري حڪومتي رٽ چئلينج ڪئي آهي ۽ گهران بيدخل ڪيو ويو آهي هن چيف جسٽس آف پاڪستان ڊائريڪٽر سيڊا، ايگزيڪيوٽو انجنيئر اسڪارپ گهوٽڪي،اي ايڪس ئي اين اسڪارپ گهوٽڪي، ايس پي گهوٽڪي، ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هٿياربند جوابدار گرفتار ڪري مٿن دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري سندس قبضوٿيل ڪوارٽر واپس ڏياري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.