صالح پٽ واسي کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، سکر ۾ عورتن جو احتجاج

سکر(رپورٽر) صالح پٽ تعلقي جي ڳوٺ خير محمد ڀنڀرو واسي نوجوان خدابخش محمداڻي کي مبينه  کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف پيرسن زال مڙس پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي عجائب خاتون  ۽ حاجي محمود محمداڻي ٻڌايو آھي ته گزريل ڏينهن سندن پٽ خدابخش محمداڻي چونڊڪو شھر کان گهر جو سامان وٺي گهر اچي رهيو هو ته رستي ۾ جنوجي ٿاڻي جي چوڪي امن چاچڙ پوليس کيس کنڀڻ بعدگم ڪري ڇڏيو آھي نوجوان جي آزادي لاءِ هزارين رپيا رشوت گهرن پيا غريب آھيون پوليس کي رشوت ڏيڻ جا پئسا ناهن هنن الزام هنيو ته سندن مائٽ بلاول محمداڻي سان جهيڙو هلندڙ آھي پوليس بلاول جي چوڻ تي بي گناھ پٽ کي گرفتار ڪري گم ڪيو آھي جنهن سبب خدابخش جي حياتي کي خطرو آھي،  ڊي آءِ  جي سکر،  ايس ايس پي سکر ۽ اختيارن کي خدابخش محمداڻي کي آزاد ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.