شهدادپور ۾ شهري کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

شھدادپور( ن ع آ ) شھدادپور ۾ چوري ڪرڻ دوران مزاحمت تي قتل ٿيل گھر ڌڻي عمران ملڪ قتل  ڪيس ۾  ايس ايس پي سانگھڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار جي طرفان  ڊي ايس پي شـــھدادپور  ايوب بروھي سي آئي اي انچارج طفيل ڀٽو جي اڳواڻي ۾ قائم ڪيل جانچ ڪميٽي پاران انڪوائري  ڪري قتل  ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي شھدادپور ايوب  بروھي سي آء اي انچارج سانگھڙ طفيل ڀٽو ٻڌايو ته 15ڏينهن اڳ  اسلام آباد پاڙي ۾ چوري ڪرڻ  دوران گهر ڌڻين جي مزاحمت ڪرڻ تي چورن پاران فائرنگ ڪري گهر ڌڻي عمران ملڪ کي  قتل ڪري ڇڏيو ھو جنهن بعد پوليس مختلف طريقن سان جانچ ڪري واردات جي اصل ماسٽرمائنڊ عبدالمنان عرف راجو ملڪ راشدخاصخيلي۽  نديم خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو آھي  ھڪ جوابدار وقارخاصخيلي جي گرفتاري لاء ڪوششون  جاري آهن   ٻئي طرف فريادي مقتول عمران جي ڀاء  ڪامران ملڪ ٻڌايو ته مون ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي آهي اسانجي گهر ۾ گهڙي ڏوھ ڪرڻ وارا ۽ منهنجي ڀاء عمران کي قتل ڪندڙ ٽئي ڏوھاري آهن پوليس ساڻس ڀرپور تعاون ڪري ملوث ڏوھاري ظاهر ڪري گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.