اوٻاوڙو ۾ مان معصوم ٻارڙو اغوا ٿي ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ، پوليس خاموش

اوٻاوڙو ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ۾ نئين آيل دبنگ ايس ايڇ او اطھر علي چنا جون امن واريون داعوائون ڌوڙ ھڪ ڏينھن اڳ شهر جي شيخ محلي جي رھواسي  پورهيت عبدالقيوم ڀٽي جو گلن جھڙو معصوم پٽ ٽن سالن جي نينگر عبدالاحد ڀٽي گهر جي ٻاهران کيڏندي پراسرار نموني گم ٿي ويو ھو ۽ جڏهن ته وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو ھو گم ٿيل ٻارڙي جا سي سي ٽي وي فوٽج منظر عام تي اچي ويا ٻارڙي کي ٻه نامعلوم ماڻھون موٽر سائيڪل تي اغوا ڪري کڻي ويا اھڙا فوٽيج سامھون اچڻ بعد مغوي ٻارڙي جا وارث پريشان گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو جتي گھر ۾ ٻرندڙ چلھو به وسامي ويو ٻارڙو گم ٿيڻ کان پوءِ  وارثن اهڙي واقعي جي اوٻاوڙو ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي ھئي مگر ٻه ڏينھن گذرڻ باوجود دبنگ ايس ايڇ او اطھر چنا معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو. ن ان موقعي تي مغوي ٻارڙي جي والد عبدالقيوم ٻڌايو ته منھنجو ٽن ورھن جو ٻچڙو گھر ٻاھران کيڏي رھيو ته اچانڪ گم ٿي ويو ھيو اڄ سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي خبر پئي ته منھنجي ٻارڙي کي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار اغوا ڪري ويا آھن جنھن سبب منھنجي گھر ۾ ماتم برپا ٿيل  آھي اھڙي رپورٽ اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي ان ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آھي. ايس ايس پي گهوٽڪي اظھر مغل کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي ٻچڙي کي جلد بازياب ڪرائي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.