ننگرپارڪر ڀرسان شڪارين 2 هرڻ ماري ڇڏيا

مٺي(بيوروچيف) ننگرپارڪر جي ڳوٺ مامچيرو ۾ خميس واري رات جو نامعلوم شڪارين جھنگ ۾ بندوق جا فائر ڪري ٻہ ھرڻ ماري پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن ڀوپٽسنگھ، منگل سنگھ، جيتمال سنگھ ۽ ٻين ٻڌايو تہ رات جو دير سان اڇي رنگ جي ويڳو گاڏي ۾ سوار 3 شڪارين بندوق جا فائر ڪري 2 ھرڻ ماري پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ڳوٺاڻن چيو تہ مال ۾ ستل ڌنارن بندوقن جا فائر ٻڌا تہ شڪارين جو پيڇو ڪيو پر شڪاري ھرڻن کي ڪھي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ڳوٺاڻن چيو تہ اسان ھرڻن جو رت، ھرڻن جي پيرن جا نشان ۽ گاڏي جا نشان وائلڊ لائيف عملي کي ڏسيا ھئا. ٻئي طرف ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف مٺي رياض احمد رند صحافين کي ٻڌايو تہ اطلاع ملڻ تي ائون پاڻ فيلڊ ۾ نڪتل اھيان، ھن چيو تہ ڳوٺ مامچيرو ۾ رت جھڙا ڪجھ نسان مليا آھن جيڪي رت بہ ٿي سگھي ٿو يا ڪنھن پان يا سوپاري جا نشان ٿي سگھن ٿا، ھن چيو تہ آئون وٽنري ڊاڪٽر کي ليٽر لکندس اھو تصديق ڪندو ھرڻن جو رت اھي يا ٻيو ڪجھ، ھن چيو تہ ٿرپارڪر جا ماڻھون جانورن ۽ پکين سان سڀ کان وڌيڪ پيار ڪن ٿا، شڪار ۾ جيڪو بہ ملوث ھوندو تصديق ۽ ثبوت ملڻ بعد ڪنھن کي بہ بخش نہ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.