گهوٽڪي ضلعي ۾ ڀاڻ جو بحران ختم نه ٿيو، شهر يار شر ميدان تي ڌرڻي جو اعلان

ريتي (رپورٽ: وجي ڪمار چاولا) گهوٽڪي ضلعي ۾ ڀاڻ جو بحران ختم نه ٿي سگهيو، باغي ايم پي اي شهريار خان شر به ميدان ۾ اچي ويو، 17 تاريخ تي اينگرو گيٽ اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو، خبر موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ گذريل ٻن مهيين کان ڀاڻ کوٽ جو بحران ختم نه ٿي سگهيو آهي، آبادگار ٻن مهينن کان آفيسن ۽ وڏيرن جي اوطاقن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر آبادگار کاڌ جي ٻوري لاءِ پريشان آهن، اينگرو انتظاميه خلاف ڌرڻي لڳائڻ بعد باغي پي ايم پي اي شهريارخان شر به ميدان ۾ اچي ويو، پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيل ايم پي اي شهريار خان شر طرفان 17 تاريخ تي اينگرو گيٽ اڳيان ڌرڻي لڳائڻ جو ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  ايم پي اي شهريار خان شر پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آبادگار کاڌ لاءِ سخت پريشان آهن پر انهن کي کاڌ نه ملي رهي آهي، هن وقت زميندار، آبادگار ۽ هاري سڀ پريشان آهن عوام تي ڏکيو وقت آهي، ڪافي ڏينهن کان ڏسي رهيو آهيان ته اسان جا سياستدان سميت سمورا خاموش آهن، تنهنڪري منهنجو ضمير خاموش رهڻ تي ملامت ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ته به عوام تي خاص ڪري گهوٽڪي ضلعي جي عوام تي ڏکيو وقت آهي ته آئون گڏ رهيو آهيان، اسيمبلي جي فلور تي عوام جا مسئلا اجاگر ڪيا آهن، پاڻي جو مسئلو هيو ته اسان گڊو بيراج تي ڌرڻو هڻي پنهنجو حق ورتو آهي، هن چيو ته هاڻي اسان جي آبادگارن مٿان کاڌ جي ڪري ڏکيو وقت آيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جو ضلعو زراعت تي مشتمل آهي اسان جي روزي جو واحد حل ئي زراعت آهي، اسان جا ۽ آبادگارن زميندارن جا ٻچا انهي زراعت تي گذارو ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن کاڌ ۽ ڪڻڪ نه هوندي ته اسان جا ٻچا ڪٿان کائيندا، هن چيو ته گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان بعد اهو فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجا حق گهرڻ سان نه ٿا ملن تنهنڪري وڙهي ڪري وٺنداسين، ڪجهه مافيائون آهن جنهن جي ور چڙهيل آهن، جنهن ۾ مل مافيا، اينگرو مافيا، پرچي مافيا، ڊيلر مافيا آهن، ڪجهه دوست وري احتجاج جو سڏ ڏئي احتجاج ڪري کاڌ جون ٻوريون وٺي پرچي تي هلائي رهيا آهن آئون انهي جي خلاف آهيان، تنهنڪري آئون سڀني کي اپيل  ڪيان ٿو ته اچي ڪري اينگرو گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي پنهنجا حق وٺون جيڪو گهوٽڪي ضلعي جي سمورن تعلقن جو ٽارگيٽ آهي اسان کي ملڻ گهرجي، هن چيو ته ڊيلرن کي جيتري کاڌ ملي رهي آهي پنهنجو جائز منافعو رکن باقي کاڌ آبادگارن کي ڏين، ٻي صورت ۾ ڊيلرن خلاف به ڌرڻو هڻنداسين، تنهنڪري اسان جو پهريون مرحلو آهي ته اينگرو کاڌ ڪهڙي طريقي سان وٺون تنهنڪري گهوٽڪي ضلعي جي سمورن آبادگارن، هارين، زميندارن، چونڊيل نمائندان ۽ عوام کي اپيل ڪيان ٿو منهنجو ساٿ ڏيو ۽ 17 تاريخ سومر تي اينگرو گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي آبادگارن کي ڀاڻ وٺي ڏجي جيئن هن پرچي مافيان کان آبادگارن جي جند آجي ڪرايون.

  • ماٿيلي لڳ ديوار ڪرڻ سبب ڪپڙي جو واپاري فوت

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپور ماٿيلو ۾ اقبال پيٽرول پمپ جو رھواسي ڪپڙي جو واپار ڪندڙ نينگر ظاهر شاهه پٺاڻ ولد ممتاز شاھ پٺاڻ جي مٿان ديوار ڪري پئي، جنھن  سبب ھو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي علاج دوران ئي فوت ٿي ويو، هوڏانهن نينگر جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌندي ئي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.