ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل سان واسطو ناهي، گهوٽڪي ۾ عورتن جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجهو ٽانوري پلاٽ وٽ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل اربيلو مهر جي قتل ڪيس جو معامرو، گهوٽڪي جي سومرا  محله جي رھواسين مسمات  زبيده سومرو، مسمات شهناز ، فرحان سومرو ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي  احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو اربيلو مهر جي قتل سان ڪوبه واسطو ناهي، هنن جو چوڻ هو ته اسان جي ماڻھن حاڪم سومرو، عنايت الله سومرو، اصغر ۽ جاويد سومرو مٿان بلاجواز پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ پوليس اصغر سومرو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، سمات زبيده چيو ته سندس پٽ عنايت الله سومرو گزيل ٽن مهينن کان پنجاب مزوري ڪندو آهي، سندس خون سان ڪوبه تعلق نه آھي،  ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آءِ جي سکر ۽ وس وارن کان گهر ڪندي چيو ته ڪيس جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.