هڪ مزدور جي موڪلاڻي

تحرير : عامر کوکر

چوندا آھن ته قسمت جون لڪيرون غريب گھراڻن لاءِ  بي رحم ھونديون آھن  جتي انسانن جي جان مال عزت نفس جي پامالي هجي اتان جو علم شعور ۽ اتان جون تعليمي رونقون به جھالت جي سمنڊ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ مجرماڻيون رھنديون آھن سنڌ جي ھڪڙي ڳوٺ ۾ ھڪ مزدور نالي  بشير کي اٺن ٻارن جي اولاد ھئي، ھڪ ئي پٽ ھئس باقي ست نياڻيون ھئس. سندس جي شادي به پنھنجي ئي غريب گھراڻي جي ڪٽنب مان ٿيل ھئس. مزدور پنھنجي ئي قوم جي وڏيري جي زمين ۾ ھارپي جو ڪم ڪندو ھيو ۽ وڏيري جي زمين ۾ ئي سندن کي ڪکاوان گھر (منئن ) ۾ جڙيل ھئا. مزدور بشير پنھنجي گھر واري نالي شھزادي ۽ اٺن ٻارن جو اڪيلو ئي سھارو ھو. مزدور کي پٽ جو اولاد ڇھن نياڻين کان پوءِ ٿيو ھو ـ مزدور بشير کي وڏيرو سمورو سال پنھنجي زمين جو ھارپو ڪرائيندو ھيو ۽ رات جي وقت پنھنجي اوطاق ۾ ھيٺ موڙي ـ صندلي تي ويھاري مھمانن جي خدمت چاڪري لاءِ حڪم احڪام جاري ڪندو ھيو وقت جي تيز رفتار سان گڏ جڏھن بشير جون نياڻيون بشير لاءِ زمين تي ماني کڻي وينديون ھيو ته نياڻين جي پيرن ۾ چپل به نه ھوندي ھئي ميرڙا روا (پوتي) نياڻيون غربت جي لازوال عزت کي زماني جي مدحوش زندهه لاشن انسانن کان لڪائي ميرڙن ٿانون ۾ ڪاٺين جي اڱرن مان پڪل سادو کاڌو کڻي وينديون ھيون.

بشير مزدور ھجڻ ۽ روزانو جمھوري حڪومتن جي بادشاھين سبب مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندو رھيو ۽ ڏينھون ڏينھن اٽي گيھه لوڻ کنڊ مرچ ۽ پٽاٽن بصرن جي ريٽن جي اگھن ۾ منھنگائي سبب مزدور بشير پنھنجي معصوم نياڻين جو پيٽ پالڻ کان محروم ٿيندو رھيو  کيس وقت جي خاموش تيز ترين رفتار کان پوءِ بشير بيمار ٿيڻ لڳو ۽ کيس ڪارو ڪامڻ ٿي ويو جنھن بعد مزدور  بشير پنھنجو علاج ڪرائڻ جي بجاءِ ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ مزدوري ڪري سمورا پئسا نياڻين ۽ اڪيلي پٽ کي ماني کارائڻ ۾ ئي خرچ ڪري ڇڏيندو ھيو بشير ھڪڙي ڏينھن وڏيري کان ڪجھه ھزار اوڌارا پئسا وٺي سرڪاري اسپتال مان پئسا ڀري ڪامڻ جي وڏي رپورٽ به ڪرائي ھئي ۽ اسپتال طرفان کيس ڪامڻ جي پندرھن ڏينھن جو ڪورس به ڏنو ويو پر جڏھن پندرنھن ڏينھن کان پوءِ اٺن ٻارن جي زندگي جو سھارو  مزدور بشير اسپتال پھتو ته کيس اسپتال وارن اھو چئي موٽايو ته نئون آفيسر آيو آھي. دوائون ھاڻي مٿان کان ئي نه آيون آھن توھان وڃي پئسن جون خريد ڪيو بشير اھو به ڏٺو ته ساڳئي ئي اسپتال مان ڪامڻ جو دوائون سياسي ھائوسن ۾ ويٺل ڪعمدارن جي فونن تي ٻين  وسندي وارن کي ملي رھيون آھن ھٿڪڙو سياسي ڪامورو ڪار ۾ ٿيلھو ڀريل دوائون کڻي وڃي رھيو آھي اٻوجھه نگاھن سان مزدور انھيءَ ڏانھن نھاريندو رھيو ۽ دل ۾ ئي نماڻي ھاريل شڪست کاڌل شڪايت ڪندو رھيو ته مونکي علاج جون دوائون ن پيون ملن بشير ٻچن جي بک جو سوچيندي ٻئي ڏينھن وري مزدوري لاءِ نڪتو ۽ بي وس نگاھون آسمان ڏانھن ڪري چوڻ لڳو ته غريب جو الله آھي ٻيو ڪير به سھارو نه آھي جيڪڏھن مزدوري نه ڪندس ته منھنجي نياڻين کي  ماني ڪير کارائيندو. ھڪڙو ڏينھن اھڙو آيو جو بشير جي منھن مان رت جون الٽيون جاري ٿي ويون  رات جو پھر ھيو بشير جي غريب  منئن جي ٺھيل گھر مان سندس نياڻين جون آسمان کي ڏاريندڙ بي وس مايوس لاوارثي سان ڀريل  ڀريل بابا بابا جون سدائون نڪتيون ۽ سندن امڙ نياڻين کي ڀاڪر پائي پرچائيندي رھي ۽ کين کي ڪوڙا دلاسا ڏيندي رھي ته توھان جو بابا ٺيڪ آھي کيس ڪجھه به نه ٿيندو پر ميرڙن ھٿن ۽ پراڻين پوتين پھريل نياڻين مان ھڪ نياڻي اوندهه ۾ گلاس ڳولھيندي ڳولھيندي نلڪي مان پاڻي ڀري والد کي پيئارڻ لڳي. مزدور جي حالت خراب ٿيندي رھي خون جاري رھيو ته ھن پنھنجي رئي مان ويڙھيل چند سئو روپيا ڇوڙيا ۽ سندس وڏي نياڻي پنجاهه رپيا کڻي آئي جيڪي ھن کي تڏو ٺاھن جي عيوض مليا ھئا ھو کڻي آئي جنھن بعد بشير جي وڏي نياڻي ۽ سندس گھر واري ڪرائي تي رڪشو ڪرائي رت جون الٽيون ڪندڙ بادشاهه کي شھر جي سول اسپتال ۾ کڻائي ويا نياڻي ھڪ ميرڙي رلھي کڻي بابي کي رڪشي تي سمھاريو ۽ ميرڙي رئي سان بابي جي رت کي نماڻين اکين سان  اگھندي رھي ۽ روڊ تي تيز آواز ۾ ڪارن پراڊن تي ھلندڙ موسيقي ۽ امير گھراڻن جي بي وجه خوشين شراب بروسٽ برگر ھوٽلن تي مھنگيون پارٽيون ھلندڙ ڏسندي ڏسندي اسپتال پھتي  رات جي اونداھي ۽ اڌ رات جي پيٽ ۾ سڀ ڊاڪٽر آرامي ھئا مفلسي واري حال ۾ ڏسي اسپتال ۾ ويٺل ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪمپونڊر موجود ھيو ڪمپونڊر کي نماڻا ھٿ ٻڌي بشير جي نياڻي ۽ سندس گھر واري چوندي رھي ته اسان غريب آھيون، بابي کان سواءِ ڪير به سھارو نه آھي اسان تي رحم کا………

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.