رزاق سهتي جو ناول ”آخري اسٽيشن“ ۽ سماج جا عڪس

تحرير ؛ عبدالواحد سومرو

آخري اسٽيشن ناول پڙهڻ شروع ڪيم. جيڪو ويجهڙ جي سنڌ جي سياست ۽ سياست ۾ ٿيندڙ سازشن هڪ ٻئي تي الزام تراشي جا عڪس نروار ٿي اچن ٿا. گهري مطالعي، تجربي وارن سياسي ڪارڪنن کان اڳواڻن تائين اڳيان چٽيل ڪردار پڙهندي اڳيان پنهنجي محسوس ٿين ٿا.

”آخري اسٽيشن“  ناول ۾ هي ڪردار موجود آهن. جيڪي ڪتاب جي منڍ ۾ ليکڪ ڏنا آهن. جيڪا به هڪ نئين روايت آهي. هونئن ته ٻاهرين ملڪن جي ڪجهه قتل وارن ناولن ۾ ڪردار ڏنل هوندا آهن.

بهرحال هي ڪردار، اندر ڪتاب ۾ ساهه پساهه کڻندي، گهمندي، ڦرندي، ٿيندڙ واقعن، حادثن، لقائن کان ويندي ذات تائين زندهه، هشاش بشاش، تازا توانا، تندرست موجود آهن، جيڪي هي آهن.

(1) انور-ڪامريڊ (2) سهڻي-انور جو پيار- (3) زاهد بلوچ-انور جو ڪميونسٽ دوست- (4) ديبا جلال-انور جي ڪامريڊياڻي دوست-(5) رقيه – روشن خيال فيمينسٽ عورت- (6) حامد علي- انور جو ڪميونسٽ دوست- (7) پونم لال- سنگاپورين سنڌياڻي- (8) سبطين احمد- انور جو ڄائو پٽ- (9) جانڪي-رقاصه ۽ سهاڳڻ- (10) جمال الدين- انور جو ڀاءُ.

ناول جنهن جي چؤگرد هي سڄا سارا چار سئو صفحا لکيل آهن. جيڪو ترقي پسند ڌر جو هڪ ڪارڪن، اهو پنهنجو قصو، ڪٿا هينئن شروع ڪئي آهي: هُو سفر تي نڪري پيو. پاڻ هر تو محسوس ڪيائين ته متان زندگيءَ جو آخري سفر هجي. مٿس خودڪشي جو رومانس طاري، سندس منزل پڻ آخري اسٽيشن، ريل گاڏي، تيز رفتار سان ڊوڙندڙ، رات جو وچون پهر، مسافرن جو گهڻو انگ ننڊ ۾، رکي رکي کيس آتم هتيا جو خيال پئي آيو.

……….

سهڻيءَ هڪ نهار انور کي ڏٺو ۽ انور سهڻيءَ کي ته هڪ ٻئي جا مشتاق ٿي پيا.

منهنجي مري وڃڻ سان سنسار جي هل چل ۾ ڪو فرق نه پوندو. اميد پرست شخص رهيو آهيان. هي خودڪشيءَ جو ريچڪ ڪيئن چڙهيو آهي.

سهڻيءَ سان ڪيل پهرين ملاقات سندس اندر ۾ لهي آئي.

ٻئي ڪمري ۾ اڪيلا هئا. نويڪلائي ٻنهي جي وجودن کي ويڙهي ماٺيڻو ڪري ڇڏيو هئو. انور چيو هئو ”ڪيئن آهين سهڻي؟“

”ٺيڪ آهيان ۽ تون؟“

”ٺيڪ“

انور پيار ڀرئي لهجي ۾ سهڻيءَ جي سراپي تي نهار ڪندي چيو هئو.

”تون ڪپڙن ۾ نکري پئي آهين سهڻي“.

…….. ايئن چوندي سهڻي موڪلايو. هوءَ ٻه ٽي قدم اڳتي وڌي. انور سَڏُ ڪيس. هوءَ بيهي رهي.

انور اڳتي وڌي سُهڻي جو ساڄو هٿ پڪڙي هٿ جي پُٺيءَ تي چُمي ڏني. ڪنواري وجود تي آسماني کنوڻ ڪِري سارو سراپو روشنيءَ جي تيز شعائن سان وڪوڙجي ويس.

هوءَ تيز قدمن سان ڪمري مان هلي وئي.

………………

انور کي منزل شهر جو هوٽل هئو. جتي زندگيءَ جون سڀ سهولتون موجود هجن. پاڻ ڪلاچي شهر ۾ گهڻو وقت گذاري چڪو هئو. اسٽيشن کان ٿوري پنڌ جي فاصلي تي مهراڻ هوٽل جي طرف منهن ڪيائين.

…… هن شهر کي ڇڏئي ڪيترا سال وهامي ويا هوندا. زندگي نئين ٽڙيل مکڙيءَ مان گلاب ٿي نوجواني جو وقت ڪلاچي شهر ۾ روپوشيءَ ۾ گذاريم. ٽارچر سيل ۾ اکين تي پٽي ٻڌي کڻي ويندا هئا خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته ڪهڙي جاءِ تي آهيون…..

پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي اڳتي وڌي ويو. چڱيرڙو پنڌ ڪيائين ته هڪ سينٽر جي اڳيان کيس پنجوڙ لڳي ويا. بُت بڻجي بيهجي ويو. سينٽر ۾ رهندڙ رقيه سندس حواسن تي ڇانئجي ويئي.

”مٿي چڙهي وڃان … نه ٿو وڃان. رقيه اتي رهندي به هوندي الائي نه … ٻار به ٿي ويا هوندس .“

…….”هاڻ به رابطو ٿيو ته هوٽل تي هلي ايندي. عجيب مزاج جي ڇوڪري هئي. ان وقت ننڍي وهيءَ ۾ سامائي ڪو سال کن ٿيو هوندس. اسان جو به نوجواني ۾ پير هئو. پهرين ملاقات ادبي اسٽڊي سرڪل ۾ ٿي هئي. خبر ناهي الائي ڪنهن تعارف ڪرايو هئو. هوءَ ڪا جسماني ٺاهه ٺوهه بيهڪ ۾ ڪا گهڻي خوبصورت ڪا نه هئي. پر جنسي، ڪشش بلا جي هوندي هئس. ڇاتي پاڻ ئي تاڻي هلندي هئي. قد وچولو هئس. هوءَ هر وقت ڪو نه ڪو جوان ڀر ۾ رکندي هئي.

……..

پوئين ٽن ڏهاڪن کان اسان سنڌي اربنائيز ٿيا آهيون. هاڻي ماڻهو ڪاروبار طرف اچن پيا. پر ڌارين جي آبادڪاريءَ سنڌ جي ڊيموگرافي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي. ڪلاچيءَ ۾ ته مڪسچر ٺهي ويو آهي. هتي سنڌين جي ڪيتري به آبادي وڌائجي پر اقليت ۾ ئي رهنداسين. اندرين شهري ۾ اسان جي اڪثريت آهي.“

ڪامريڊن کي ڇا ٿي ويو آهي. پاڻ وارو حامد علي پڪو مُلا ٿي ويو. تبليغي جماعت ۾ هليو ويو. ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ابا نو لفٽ ڪري ڇڏيائين … ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه ٿي اچي…“

يار زاهد- هن عورت ۾ عجيب پنهنجائپ هئي. ڄڻ سالن جا سال گڏ رهيا هُجون. ڇا ته سندس اخلاق، اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ سڀ نرالو هو. اسان جي مٽيءَ جي خوشبوءِ سڀ کان انوکي آهي. موهن جي دڙي کان مون تائين جو سفر مٽيءَ جي ڪشش ڪري ئي اسان ڪيو آهي. اسان کي ڪير به مٽي کان جدا ڪري نٿو سگهي.“

ڪلاچيءَ جي موسم دلربا ٿي پئي هئي. اولهه جي هوا گُهلي رهي هئي. سمنڊ طرفان ايندڙ هوا محبوب جي مرڪ جيان پئي لڳي. هوٽل ۾ چهل پهل هئي. پر انور ۽ زاهد بلوچ ڪير ڪري اٿيا.

……

پي آءِ اي جي اڏام لاهور کان ڪلاچي لاءِ رواني ٿي هئي. سا ايئرپورٽ کان صرف چند منٽن جي فاصلي تي شهري آباديءَ ۾ ڪري تباهه ٿي وئي.

” …. يا خدا هي ڇا ٿي ويو. ديبا جلال ڪٽنب سميت جهاز ۾ موجود هئي. سڀ جا سڀ. اُف قهر ٿي ويو. انساني جانيون ايئن سڙي رک ٿي وينديون.

……

ادا چوندا ناهن. دل کوٽي عُذر گهڻا …. ادي ڀيڻ، مون ئي سهڻي کي ڌتڪاريو. منهنجي محبت ۽ مڱ هئي. پر سياست جو اهڙو نشو چڙهيو جو وساري ويٺس. جڏهن نشو لٿو. سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هئو.“

……….

”جانڪي- ايڏيون وڏيون ڳالهيون ڪٿان سکي آهين.“

”سر- مجلسي علم ڪتابن ۾ ناهي ملندو. ڪچهرين مان گهڻو پرايو اٿم. هر قسم جي ماڻهو سان واسطو رهي ٿو.“

”تون چوندو هُئين وڏو اڳواڻ ٿيندس. ٿيئن ته ڪجهه ڪونه، ساڳيو جو ساڳيو آهين. پوءِ مون کي ڇو ڦٽو ڪري ڇڏيئي.“

…… سهڻي پليز ايئن نه ڳالهاءِ مان انهن ماڻهن مان ناهيان جيڪي تلوار سان نه جملن جي ڪڙاڻ سان ئي مري ويندا آهن.“

…….

انور ڪلاچيءَ ۾ پنهنجي فليٽ ۾ ويٺو هئو جو جانڪيءَ جي فون آيس. ” سر ڪهڙا حال آهن؟“

”ٺيڪ آهيان“

”ڪلاچي واپس اچي ويا.“

”جي گهر ۾ آهيان“

سر خوشي جي خبر ٻڌايان، منهنجي شادي ٿي رهي آهي.

”سچ“

”جي سر“

”ڪنهن سان ٿي ڪرين؟“

سر معروف سياستدان آهي. اڳ ۾ ٻه شاديون ٿيل اٿس. شادي جسٽ لائيڪ بزنس.

رزاق سهتي پنهنجي قلم مان سنڌ جو سياسي، سماجي آدبي آئينو چٽيو آهي. سياست ۽ سماج اندر تبديل ٿيندڙ روايتن سڀني کي هن انور، زاهد ۽ مسڪان ۽ ان کانپوءِ جانڪي جي ڪردار کان ويندي ڪميونسٽ جيڪو حامد اڳتي هلي تبيليغي جماعت ۾ شريڪ ٿيو ۽ موت ان جو بم ڌماڪي ۾ ٿيو ۽ ديبا جلال جهاز حادثي ۾ ختم ٿيڻ جهڙن منظرن کي به سهڻي نموني چٽيو آهي.

رزاق سهتي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. جس ۽ کيرون لهڻي ….!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.