ٽنڊي الهيار ۾ پوليس ڪاهه، 3 ڄڻا کنڀي گم، ڦرلٽ، احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) پوليس اهلڪارن رات جي انڌاهري ۾ چادر ء چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي زبردستي گهر ۾ داخل ٿيا پوليس اهلڪار منهنجن ٻن پٽن ء گهر ۾ آيل هڪ  مهمان کي پاڻ سان وٽي هليا ويا  جڏهن ت پوليس وارن گهر ۾ پيل سامان پکڙي گهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرا گهر ۾ موجود موبائيل فون ء گهر ۾ رکيل 9 لک روپيا رقم ب پاڻ سان کڻي ويا. ڪامران خانزادي ء فرقان خانزادي جي والده ء ڀيڻ هنگامي پريس ڪانفرس ڪندي چيو ت اسان جا ڇوڪرا ء هڪ مهمان اجا تائين لا پتا آهن  جن کي ظاهر ن ڪيو ويو آهي هنن چيو ت پوليس اهاسب ڪاروائي بنا ڪنهن وارنٽ ڪئي ءکين پاڻ سان گڏ وٽي وجڻ جو ڪوب سبب  ن ٻڌائيو جڏهن ت اسان ٽنڊوالهيار جي عدالت سان رابطو ڪري جج صاحب کي وٽي ٿاڻي تي پهتاسين ت ٿاڻي وارن چيو ت اسان وٽ اهي ماڻهو ن آهن ء نئي اسان هنن کي وٽ آيا آهيو  هنن اعلا اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ت پوليس پاران کنبيل ٽنهي جڻن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وجي ءاسان کي پوليس جي ظلم کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.