رتوديرو جي سرڪاري اسڪول جو ڪم ڇڏي ٺيڪيدار گم، شاگردن جو احتجاج

رتوديرو ( ن ع آ ) رتوديرو شھر جي ڳتيل آبادي واري علائقي حسن پور محلي ۾ قائم گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول جو تعميراتي ڪم  ٺيڪيدار گل حسن ابڙو پاران ٻن مھينن کان بند ڪري گم ٿي وڃڻ خلاف اسڪول جي استادن ۽ شاگردن اسڪول ٻاهران احتجاج ڪندي سائين ساقي ابڙو، سيد احسان علي شاهه، علي اڪبر جتوئي، فقير قاسم تونيو، معشوق علي ڪنڀر، منير احمد جوڻيجو، محمد اسلم ٻپڙ ۽ ٻين چيو ته  حسن پور اسڪول جي هڪ پاسي واري عمارت جو ڪم جيڪو ٻن سالن کان هلندڙ هو ٻئي پاسي واري عمارت ۾ تدريسي عمل ٻن شفٽن ۾ جاري آهي جنھن ڪري اڳ ئي تمام گهڻي تڪليف آهي، ٻارن جي حاضري ڪافي گهٽجي وئي آهي مٿان وري ٺيڪيدار گل حسن ابڙو ٻن مھينن کان ڪم اڌ ۾ بند ڪري گم ٿي ويو آهي، جنھن ڪري 1400 شاگردن ۽ شاگردياڻن جي تعليم داءَ تي لڳل آهي ۽ سندن مستقبل تباه ٿي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حسن پور جيڪو رتوديرو شھر جو ٽيون نمبر وڏو اسڪول آهي ۽ جنھن ۾ 8 مختلف محلن ۽ پاڙن جا 1400 کان به وڌيڪ ٻار داخل آهن پر ان جي باوجود به هيڏو سارو اسڪول ننڌڻڪو لڳو پيو آهي ۽ ڪو به وارثي ڪرڻ وارو نه آهي  هنن پنھنجي تڪ جي ايم پي اي فريال ٽالپور ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته هن معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي حسن پور اسڪول جو اڌ ۾ بند پيل تعميراتي ڪم ٻيھر شروع ڪرائي جلد مڪمل ڪرايو وڃي ۽ 1400 شاگردن ۽ شاگردياڻي جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.