غوثپور ۾ دعوت نه ڏيڻ تان شاگرد کي اسڪول مان نيڪالي

غوث پور (ن ع آ) غوث پور ۾ دعوت نه ڏيڻ تان پنجين ڪلاس جي شاگرد کي پرائمري اسڪول مان ھيڊ ماستر نيڪالي ڏئي ڇڏي. پنجين ڪلاس  جي شاگرد جميل چاچڙ پنهنجي چاچي مير محمد چاچڙ سان گڏجي پريس ڪلب ٻاهران ھيڊ ماستر شمن ڪوري ۽ خلاف احتجاج ڪيو.ان موقعي تي شاگرد جو چوڻ هو ته هو ھاري جو پٽ آهي، تعليم پرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته  بابي دعوت ڪرائي، جنهن ۾ استاد ظھير چاچڙ کي دعوت نه ڏني، استاد جي چوڻ تي هيڊماستر مون کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو آهي. هن  تعليم واري وزير سميت اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي منهنجي تعليم بحال ڪرائي شاگرد دشمن استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.