ڪراچي جو مورڙو: ممتاز بروهي

تحرير : اصغر بروهي

قومپرست سياست جو عملي ڪردار ممتاز بروهي اسي واري ڏھاڪي ۾ هزارين مانگر مڇن جي گهيري هيٺ  آيل ڪلاچيءَ جي ڪن،  ڪراچي ۾ اچي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ آباد ٿيو .

هن ڪراچي شھر اندر جيئي سنڌ جي فڪري سياست کي عملي ميدان  ۾ به ڪارائتو بڻائڻ جي ڏس ۾ پتوڙيو . 1988ع وارن سنڌي مهاجر فسادن وقت،  جڏهن   ڪراچي شهر ڌرتي ڌڻين لاءِ ٽامو ۽ نوگوايريا بڻيل هو، هن مرد مجاهد پنهنجي همت، ڏاهپ ۽ فڪري ساٿين جي ساٿ ساڻ ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ايتري قدر جو اورنگي، ڪورنگي، لالو کيت، ناظم آباد، سورجاڻيءَ ۽ نئين ڪراچيءَ وارن علائقن اندر ڌرتي ڌڻين جي وارثي ۽ واهر ڪندي انهن کي پنهنجي انفرادي ۽ قومي وجود جي بقا ۽ تحفظ جي ڏس ۾ منظم ۽ خبردار ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو .

ممتاز بروهي ڪراچي يونيورسٽي جي هڪ بهترين قومپرست ۽ هوشيار شاگرد طور پنهنجي تعليم جاري رکندو آيو.  جت هن  محسوس ڪيو ته ڪراچي اندر قومي ساڃاهه رکندڙ سنڌين  لاءِ ڪا به مضبوط آبادي، ڳوٺ، وسندي يا علائقو ناهي . اهو مقصد ماڻڻ لاءِ هن پنهنجي فڪري ۽ ڏاهن دوستن سان گڏجي، جاکوڙ ۽ همت  سان ڪراچي اوڀر ضلعي ۾ شانتي نگر ۽ سچل ڳوٺ جهڙين نج سنڌي وسندين جو بنياد رکرائڻ ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪيو.  اهڙي طرح گلشن اقبال ۽  صفورا جي علائقن منجھه انهن وسندين جي واڌ ويجھه ٿي . جنهن ڪري لساني دھشتگردن جا ستايل کوڙ ساترا سنڌي ڪٽنب سر بچائڻ خاطر بي وسيء منجهان ماڳهين ٻاهر لڏي وڃڻ بدران، ڪراچيءَ جي جدا جدا علائقن منجهان، انهن وسندين کي پنهنجي لاءِ محفوظ علائقا سمجهندي،  هتي اچي آباد ٿيا ۽ بي اونا ٿي پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويا . ان ئي مقصد خاطر، ڪجهه همدردن سان ملي غازي ڳوٺ ۽ ان  جهڙيون ٻيون  سنڌي وسنديون اڏڻ ۾ هن پاران اهم ڪردار ادا ڪيو ويو . ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته مٿي ذڪر ڪيل وسنديون، ڀرپاسي وارين بعد ۾ وسايل سنڌي ڳوٺن ۽ وسندين سان گڏجي، ڪراچي شهر سان گڏ،  سموري سنڌ اندر قومپرست ۽ عوامي ساڃهوند سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن .

ان کان سواءِ، هو پنهنجي ساڃاھه وند، قومپرست ساٿين سان گڏ، وس ۽ وت آهر ڪراچيءَ جي  ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود ڌرتي ڌڻين جي وسندين کي مضبوط ڪرڻ ۽ اتي وسندڙ ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي قومي وجود جي دشمنن، وجود کي لاحق خطرن ۽ پنهنجن توڙي پراون لالچي ۽ سازشي ماڻهن جي سٽجندڙ سٽائن ۽ وارن کان بچاءَ لاءِ، کين منظم، متحرڪ ٿيڻ ۽ هڪ ٻئي سان  لڳاتار رابطي ۾ رهڻ جي آگاهي ڏيندو رهيو ۽ ڌرتي ڌڻين مٿان ٿيندڙ وارن کي حڪمت عمليءَ، بر وقت ۽ هاڪاري موٽ  وسيلي  ناڪام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهيو .

جنهن پاداش ۾ کيس گرفتار ڪري، انتهائي ڀوائتي ۽ سخت تشدد بعد سينٽرل جيل موڪليو ويو.  سندس جسم تي اهڙي ظالماڻي تشدد جا نشان وڏو عرصو گذري وڃڻ بعد اڄ به ڏسي سگهجن ٿا .  جيل اندر به پنهنجي بي ڏوهي ڦاٿل ماڻھن جي مدد، وارثي ۽ واهر ڪندو رهيو ۽ پنهنجن فڪري دوستن سان رابطن وسيلي، لساني دهشتگردن جو نشانو بڻجندڙ ڪراچيءَ جي سنڌي وسندين جي واهر ۽ پر گهور لهڻ خاطر پتوڙيندو رهيو . ان ڏس ۾ ڌرتي ڌڻين کي سجاڳ، متحرڪ ڪرڻ لاءِ ۽ انهن سان ٿيندڙ ويڌنن ۽ انيائن کي نروار ڪرڻ خاطر جيل مان اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻيون به لکندو رهيو .

پنهنجي ماروئڙن سان محبت جي ڏوهه ۾ ڪيترائي سال بيڏوهي جيل ڀوڳي جڏھن ٻاهر نڪتو، ته قانوني جهيڙن تي ايندڙ خرچن ۽ سندس خانداني ڪاروبار مٿان دهشتگردن جي ڪيل هلائن ۽ مينهن جي واڙي کي باهه ڏئي ساڙڻ  سبب غربت سندس گهر ۽ گڏيل ڪٽنب جو گهيرو ڪري ورتو، جنهن سبب قومپرست سياست کان پاسيرو رهڻ جا مشورا ملڻ لڳس . پر جنهن شخص کي سنڌ جي سورن جي ستي پيتل هجي اهو پنهنجي ڌرتيءَ قوم جي معاملن توڙي مامرن کان ڪيئن ٿي پاسيرو رهي يا اک ٽيٽ ڪري  سگهيو . تنهن ڪري، سمورين ڏکيائين، پريشانين، پيڙائن ۽ پنهنجن توڙي پراون جي مخالفتن، سازشين ۽ دشمنين باوجود ڪراچيءَ جي ڳوٺن، پڊن ۽  ماڳن مڪانن، ڌرتي ڌڻين جي ملڪيتن، ٻنين، خوشحال زندگيءَ ۽ انهن جي  مالڪيءَ توڙي حڪمرانيءَ واري دائمي حقن خاطر سياسي، سماجي ۽ قانوني ويڙهه، ڪٿي فڪري ۽ ساڃاهه وند ساٿين سان گڏ، ٿه ڪٿي وري ڪنهن دوست يا ساٿيءَ پاران ساٿ ۽ سهڪار نه ملي سگهڻ ڪري، اڪيلي سر به  وڙهندو، وت ۽ وس آهر رڙهندو ۽ اڳڀرو ٿيندو پيو اچي .

فطري بھادريءَ،  وسيع قومي سوچ، قومي جذبي ۽ حب سان ٽمٽار هئڻ ڪري ڪيترائي ڌوڪا کائڻ باوجود، هن پنهنجي دوستن ساٿين سان ڪڏھن به ڪنهن به قسم جي دغا ڌوڪو نه ڪيو .  هيءَ بهادر شخص ڪراچي ۾ قومي سياست جي عيوض  بنگلا، ڪارون ۽ عيش آرام جي زندگي  نه گهاري سگهيو ڇاڪاڻ ته  سودي بازيءَ يا اصولن کان انحرافيءَ کي گار مثل سمجهندي هن ڪڏھن به ڪا سودي بازي يا اصولن جي انحرافي نه ڪئي آهي .

سنڌي ماڻھن جي لاءِ عملي طور  جدوجهد  ۽ ڌرتي ڌڻين جي وسندين جي واهر ۽ حفاظت جي  ڏوهه ۾ سندس ٻن ڀائرن محمد بروهي ۽ نياز بروهيءَ کي مسلسل ديسي دلالن جي چرچ تي پوليس هٿان اسي واري ڏھاڪي ۾ کڻائي، مٿن  بدترين تشدد ڪرايو ويندو رهيو . انهن ٽارچرن ۽ سخت جسماني  تشددن ڪري  زندگي سندن گهڻو ساٿ نه ڏنو ۽ وقت کان اڳ، سندن زندگين جو ڏيئو اجهامي ويو. ساڳي ريت  ممتاز بروهي جو وڏو نوجوان ڀاڻيجو ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ اڪبر بروهي پڻ بدنام زمانا پوليس آفيسرن جي سخت تشدد جو شڪار رهيو ۽ ٻه هزار چار ۾ شھيد ٿيو.  ان ٽائم کان پنهنجي ڀائرن ۽ ڀاڻيج جي لاشن کي ڪلھا ڏئي ڪراچي ۾ دفنا ئي انهن سورن مان آجو ئي ڪو نه ٿيو  هو ته ٻه هزار سترنهن ۾ کيس دهشتگرديءَ جي گهيري ھيٺ رهندڙ  سرجاڻيءَ ۽ نئين ڪراچيءَ جي  ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ ۽ اڪيلي سر بيھڻ  جي ڏوهه ۾ ڪجھه ديسي دلالن ۽ سنڌ جي ويري قوتن جي چرچ تي، سرجاني ٽائون، نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۽ بلال ڪالوني ٿاڻن جي پوليس، جن ٿاڻن جا ايس ايچ اوز بهاري،  دهشتگرد گروپن جا حلف يافتا ۽  ڌرتي ڌڻين جا ويري  هئا. جيڪي اتفاق سان نه،  پر پري پلاننگ تحت انهن ٿاڻن تي لڳا يا لڳايا ويا هئا، تن پاران کيس گرفتار ڪري مٿس ATA/7 سيون اي ٽي اي جا دهشتگردي ٽوڙ قلمن وارا ڪوڙا ڪيس هڻي، سندس ٽنهي  پٽن امتياز احمد، اسدالله  ۽ آفتاب احمد کي، مٽن مائٽن سميت مفرورڪري، تقريبن ٽيھه کان مٿي ڳوٺاڻن سميت جيل اماڻيو ويو .انهي ئي دوران پاڻ کي قومپرست سڏرائيندڙ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جو هڪ مخبر يا  ٽائوٽ به ڳجهي طريقي سان انهن ڪارواين ۾ مڪمل طرح شامل رهيو.

ٻئي پاسي هن جي جيل وڃڻ کان پوءِ، ضمانتن لاءِ به  ڪجھه دلال قسم جا ماڻهو، پوليس جي  انهن سنڌ دشمن آفيسرن سان ڳٺ جوڙي ٿي مختلف حربن وسيلي رنڊڪون وجهندا رهيا ته جيئن ستت ٻاهر نه نڪري ۽ ڪجھه عرصو  جيل اندر  رهي ته سندس پٽ به روپوشيءَ جي حالت ۾ انهن بهاري لابيءَ جي دهشتگردن جي حلف يافته پوليس آفيسرن هٿان ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ ماريا وڃن ۽ انهن ڌرتي ڌڻين جي ويري پوليس آفيسرن پاران بنا رنڊڪ جي انهن ڀاڙ خورن کي به ڪا ڀاڙ يا هڏي  ملندي رهي .!!    خير ڪجهه مهينن کان پوءِ جيئن ئي جيل مان ضمانت تي نڪتو ۽ پنهجي پٽن جون ضمانتون ڪرايائين ضمانتن کان پوءِ سندس ننڍو پٽ اولھه ڪراچي جي سورجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ موجود سنڌي وسنديءَ عبدالرحيم ڳوٺ ۾ پنهنجي پڦيءَ سان ملڻ آيو پئي ته پوليس جي نسل پرست ٽارگيٽ ڪلرن مٿانئس حملو ڪيو جنهن ۾ ڳوٺاڻن جي مڙسي تي هو ناڪام ويا ان حملي جو ۽ گولين جي فائرنگ جو ٻڌي صدمي سبب سندس پڦي کي اٽيڪ اچي ويو ۽ صدمو نه سهي سگهڻ سبب هوءَ گذاري وئي جيڪا منهنجي ماءُ ھئي.  ٻيهر ڪجهه مهينن کان پوءِ سورجاڻي ٽائون جي عبدالرحيم ڳوٺ ۾ رهندڙ سندس چوڏھن سالن جي عمر جو ڀاڻج ۽ اٺين ڪلاس جو معصوم شاگرد سهيل احمد مغيري ايس ايس پي رضوان بهاري ۽ ان جي ڪٺور دل، ڏوهاري سرگرمين ۾  ملوث ٽيم هٿان ٿيندڙ  سخت تشدد ۾  شھيد ٿي ويو . تنهن دوران به پاڻ کي ساڳئي قومپرست سڏرائيندڙ پوليس جي مخبر ۽ ٽائوٽ معصوم شاگرد جو ڪيس لوڙھائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي .

پوليس جي مسلسل چڙھائين حملن جي خوف کان ڊڄي ۽ تنگ ٿي خوف وچان  ممتاز بروهي جي ساڳئي الهندي ڪراچيءَ جي سرجاڻي ٽائون جي عبدالرحيم ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ ڳڀرو رشتيدار بلال جتوئيء، سورنهن سالن جي عمر ۾ زهر کائي آپگھات ڪري ڇڏيو . اهي تمام تڪليفون ۽ صدما اڪيلي سر سهندي، دل جو بائي پاس آپريشن ڪرائڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۽ اگهاين جي گهيري ۾ اچي وڃڻ باوجود، ڊرائنگ رومن ۽ ڏيکاءُ واري سياست کان پري رهندي، قانون دانن ، ساڃھوندن يا  ڪنهن  سياسي ڌر پاران جوڳو مهل ڀريو سهڪار ۽ ساٿ نه ملي سگهڻ ۽ گهڻن ئي ڏسڻن وائسڻن ماڻهن پاران حب علي بدران  بغض معاويا واري چوڻيءَ وانگر ٿيندڙ سازشن کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ باوجود،  سمورا سور دل ۾ سانڍي لاڳيتو پنهنجي  ڌرتيءَ ۽ ان جي غلاميءَ جي اسڪنجي ۾ پيڙھجندڙ عوام لاءِ  پيو عملي توڙي قانوني ويڙهه وڙھندو اچي . ان ريت ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم طرفان سنڌين جي بيدخلي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي آڏو داخل ڪرايل پٽيشن سميت ڳوٺن ۽ ڌرتي ڌڻين جي زمينن تي ڌارين هٿان قبضي خلاف توڙي ماحولياتي گدلاڻ خاف  هر محاذ تان  بنا ڪنهن ٿڪ، ڊپ ڊاء ۽ بنا ڪنهن ذاتي لالچ لوڀ جي عملي جدوجهد ڪندو پيو اچي . اميد آهي ته اها بي لوث ۽ لڳاتار جدوجهد ضرور لاڀائتي ثابت ٿيندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.