سنڌ ۾ غير معياري نشي جا قهر ۽ اسان جي ذميداري

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر منشيات يا نشي جي استعمال سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي هاءِ گهوڙا هلندڙ آهي. ماس ميڊيا جي رپورٽ موجب ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي ڄام ۾ غير معياري ڪچي شراب جي واپرائڻ سبب ماڻهون فوت ٿي رهيا آهن، فوت ٿيلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي، درجن کن ماڻهون نوُر کان محروم ٿي ويا آهن.هن وقت تائين جي اطلاعن موجب پوليس جي اعليٰ عملدران هڪڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي هٽائي ڇڏيو آهي، غفلت ڪرڻ، منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو آهي. هن هيڏي وڏي انساني هاڃي تي اها ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي.

هاڻي جيڪڏهن هن سموري معاملي کي سمجهڻ جي لاءِ ڳالهه جي ڳنڍ کولجي ته ان کي هيئن پيش ڪري سگهجي ٿو.

سموري سنڌ ۾ ڪچو شراب عرف عام ۾ ٺرو  هر هنڌ هلي ٿو، هر هنڌ ملي ٿو. سوال اهو پيدا ٿيندو ته اهو ڪيئن ٿو هلي، ان جو جواب ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي،  ان عمل ۾ قانون لاڳو ڪندڙ سول اداري جو هر جاءِ تي عمل دخل نظر اچي ٿو.اها اهڙي حقيقت آهي جنهن کي ڪنهن به سطح تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.اڃان به آساني جي لاءِ جي اهو چئجي ته سنڌ جي هر علائقي ۾ جيڪا به منشيات هلي ٿي ان کان اسان جي پوليس مڪمل با خبر آهي.ڇا ڀلا ايئن ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي نشي واريون شيون  وڪرو ٿينديون هجن پر انهن کان اسان جي انتظاميه بي خبر هجي.

اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو ڪجهه سال اڳ جڏهن ڳلي ۽ وات جي ڪينسر جا ڪيس وڌي ويا هئا  ته ملڪ جي عدليه تحرڪ ورتو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ٿوري ٿڪي دٻاءَ ۾ اچي گٽڪي، پان پوري،۽ ٻين خطرناڪ شين خلاف  مهم هلائي هئي، جيڪا اڃان به هلندڙ آهي، اهو به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته گٽڪي ۽ ان سان لاڳاپيل ٻي منشيات تي ان کان اڳ به بندش هئي، پر ان جي باوجود اهي سموريون شيون سموري سنڌ ۾هر هنڌ موجود رهيون، وڪرو ٿينديون رهيون،هن وقت به اهي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ اڳي جيان ئي وڪرو ٿي رهيون آهن، ها جيڪڏهن ڪو فرق پيو آهي ته صرف اهو ته انهيءَ غير قانوني عمل کي جاري رکڻ جي لاءِ زباني ڪلامي اجازت جي عيوض وڪرو ڪندڙن کي وڌيڪ رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي.

جيئن هن سماج ۾ ٻيا ڏوهه پلجن ٿا تيئن نشي تيار ڪندڙن،نشو واپرائيندڙن جي به هتي واڌ ويجهه ٿيندي رهي ٿي، هن سماج جا سمورا ڳواڻ سياستدان،سماجي تنظيمن جا رهبر، ايتري تائين جو تڪ جا نمائندا ۽متعلق ضلعن جا عملدار انهن سمورن مامرن کان چڱي ريت آگاهه آهن، اهي نٿا چاهين ته اهو سمورو ڪاروبار بند ٿئي، ڪن هنڌن تي ته گٽڪي ۽ ٺري  ٺاهندڙن جا اصل ماڻهون انهن سمورن جي نظر۾ اهڙا ”معزز“ آهن جو انهن تي ڪو آڱر کڻڻ جي لاءِ به تيار نه آهي.

هي ڪي اهڙيون ڳالهيون نه آهن، جن تي اوهان کي حيرت ٿيڻ لڳ، جيڪڏهن اهي ڳالهيون اوهان جي لاءِ نيون آهن، يا اوهان جي لاءِ عجيب آهن ته پوءِ اوهان کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته اوهان پنهنجي علائقي ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان کان مڪمل بي خبر آهيو، اهو خود هڪ وڏو سماجي الميو آهي جنهن کي سڌريل سماج ۾ ڏوهه جي زمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

اسان وٽ اهو عام رويو آهي ته اهڙين سمورين براين جي موجود هجڻ جي باوجود ڪو به ان کي روڪڻ جي همٿ نٿو ڪري، جي ڪو سماجي سطح تي اهڙو آواز ڪٿان اڀري ٿو ته غير قانوني ڌنڌن مان لکاپتي يا ڪيترن ئي هنڌن تي ڪروڙ پتي ٿي ويل اهي منشيات فروش پنهنجن غنڊن کان اهڙن حقيقي سچن ماڻهن کي سبق سيکارڻ جي لاءِ موجود هوندا آهن، ان صورت ۾ نه انتظاميه جو عام رويو اهڙو هوندو آهي جو ٻيهر ڪو به اهڙو جوکم کڻڻ کان توبهه ڪري ڇڏيندو آهي.

هاڻي اسان سمورا ماڻهون ،سماج جي بنيادي ۽ حقيقي مامرن کي سڄ جيان سامهون ڏسندي به ايئن اکيون پوري ٿا ڇڏيون جيئن ڪبوتر ٻلي کي ڏسي اکيون پوري ڇڏيندو آهي. ان کان وڏي ٻي ڪا به حقيقت نه آهي ته جن ماڻهن کي، جن عملدارن کي،  جن اهلڪارن کي، جن نمائندن کي عوام جي ڀلائي لاءِ قانوني طور تي سماج کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ذميداري ڏنل آهي، سي ان کي ويتر خراب ڪرڻ واري ڪم ۾ رڌل آهن. اهو اهڙو سچ آهي جنهن کي ڪٿي به رد نٿو ڪري سگهجي.

ها ان جي لاءِ ڪي ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ ان کي بنياد بڻائي ان تي قانوني جنگ لڙڻ هڪ ڊگهي،ڏکي. ٿڪائيندڙ ڳالهه آهي جنهنڪري ڪو به ان ۾ هٿ وجهڻ جي لاءِ تيار نه آهي،

هتي ٻه سماج آهن، هڪڙي وٽ هر عمل ڪم جي لاءِ ڪاغذن جو پيٽ ڀريل آهي، ٻئي پاسي بنا دستاويز جي سمورا ڏوهه سرانجام ڏنا وڃن ٿا. جن جو ڪٿي به ڪو ثبوت نه آهي انهن جي عمل سان سمورو نسل تباهه ٿئي ٿو، سمورو مستقبل ڊهي ٿو، گهٽ  سمجهه رکندڙ، شعور کان وانجهيل عام ماڻهون ڪجهه گهڙين جي ذهني عياشي جي لاءِ نشي جو سهارو وٺي ٻئي ڏينهن وري پنهنجي حياتي جي گاڏي کي گهلڻ جي لاءِ پاڻ کي دوکو ڏيندڙ ِ ڪي ڊهندڙ ڪي ٺهندڙ تصور، ڪي محروميون، ڪي اڌورا خواب کڻي وري ساڳي گهاڻي واري ڏاند جيان پاڻ کي زندگيءِ ۾ جوٽين ٿا.

ڇا اسان اختيارين کي هاڻي اها گذارش ڪري سگهون ٿا ته جيڪڏهن اهي هن هلندڙ ڪچي شراب واري ڌنڌي کي روڪرائي نٿيون سگهن تي اهي ان غير معياري ڪچي شراب جي لاءَ ڪي معيار مقرر ڪري ڏئي سگهن جيئن انهن کي قانون جي دائري ۾ آڻي، ان ڪيميڪل، هاڃيڪار نشي وارين گورين کان پاڪ ڪري سگهون. جيئن ان جو گهٽ کان گهٽ نقصان ٿي سگهي،

تازو ئي مرڪزي حڪومت  ڀنگ نالي ٻوٽي جي پوکي کي قانوني طور درست قرار ڏنو آهي.ته پوءِ ڇا هن   اسم تي به قانون جي نظر ۾ ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.