ڪوهه مري ۾ موت جو راڪاس ۽ حڪومت جي لاپرواهي ؟

تحرير: مبين اڄڻ

پاڪستان ۾ سياحتي مرڪز جن ۾ خاص ڪري آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ڪوهه مري جا علائقا پاڪستاني شھرين توڙي ٻاھرين ملڪن جي سياحن لاءِ ڪنھن جنت کان گھٽ ناھن ھوندا جن کي ڏسڻ ۽ گھمڻ لاءِ ھر روز ھزارين ماڻھو ايندا آهن جن مان وفاقي حڪومتي کي ماھوار ڪروڙين روپين جو منافعو ۽ ٽيڪس ملندي آهي تقريبن سال جي چئن ئي موسمن ۾ ڪوهه مري ۾ ڄڻ سياحن جا ميلا متل ھوندا آھن.

ھر سال جيان ھن سال جي جنوري مھيني جي شروعاتي تاريخن ۾ به سياحن جي آمد جو سلسلو جاري ھو ته  9 تاريخ جي رات جو ٽي وي تي ھلندڙ   ھڪ خبر پاڪستاني عوام  مٿان ڪنھن ھيروشيما جي بم جيان مٿان ڪري بريڪنگ نيوز ۾ ھر ھر ٻڌايو پئي ويو ته پنجاب جي شھر ڪوهه مري ۾ اوچتو وڏي پيماني تي برف باري ٿيڻ ۽ گاڏي پارڪنگ ۽ رھائش نه ھجڻ ڪري ڪيترا  ئي خاندان  انساني جانيون سيءِ ۽ برف باري کان بچڻ لاءِ ڪارين ۾ دم گھٽجڻ ڪري موت جي حوالي ٿي ويا آھن .پر حڪومت جي ڪا به مددگار ٽيم پھچي ناھي سگھي؟ڪوهه مري جيڪا سدائين اڇي برف ۽ امن جي ڪري مشهور ھئي پر افسوس ھن دفعي کلندڙ مرڪندڙ انساني جانين کي برف جو  اڇو ڪفن  پارائي ڇڏيو.

ڪوهه مري موت جي وادي ڪيئن بڻي واري سوال تي ھڪ ٽي وي روپورٽ ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان مطابق ته اسان جنوريءَ جي شروعات ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو ھيو ته ھن دفعي ڪوهه مري ۾ برف باري ڪجهه وڌيڪ پوڻ جي ڪري خطرو رھندو ان لاءِ سياح ڪوهه مري اچڻ کان پھريان موسمي حالتون ضرور ڏسي ڪري اچن پر ماڻھن ڪوبه ڌيان نه ڏنو ان جي ڪري ھي انساني موت جو الميو ٿي گذريو .

پر  سوال اھيو آھي ته آخر صوبائي حڪومت اتان جو ڊي سي ۽ ٻيا عملدار ڪھڙي نشي جي گوري کائي ستل ھئا جو گذريل ٻارھن ڪلاڪن تائين زندگي ۽ موت سان وڙھندڙ سياحن کي ائين موت جي حوالي ڪيو ويو جو اھي تڙپي تڙپي ساهه بوساٽجڻ ڪري فوت ٿي ويا، پر حڪومتي اعليٰ اعملدارن کي جاڳ ٿي نه سگھي .

حڪومت جو ڪم عام ماڻهو کان صرف ٽيڪس وصولي ناھي ھوندو پر اقوام متحده جي چارٽر ۾ ۽ آئين پاڪستان مطابق حڪومت عام شھري جي جان مال جي محافظ پڻ ھوندي آھي.

گھڻي تعداد ۾ سياحن جو ڪوهه مري پھچڻ ڄڻ اتان جي مقامي ھوٽل وارن لاءِ چاندي جو سبب بڻيو جيڪي پئسن جي لالچ جي ڪري  عام ڏينھن ۾ ڪمري جا ھڪ ڏينھن جي رھائش جا ٽي ھزار وٺڻ وارا ان رات  ويھه ھزار کان پنجاهه ھزار وٺڻ لڳا پر ڪوهه مري جا سرڪاري عملدار ڪو ايڪشن کڻي نه سگھيا ان ھوٽل مافيا خلاف . اسين سمجھون ٿا ته ھي واقعو پاڪستاني توڙي ٻاھرين سياحن لاءِ پنھنجي ذھنن ۾  ايندڙ وقت ۾ بي چينيءَ ۽ بدامنيءَ جھڙو سوال اڀاري سگھي ٿو !جنھن جو اثر سياحت سياحتي مرڪزن کي پئجي سگهي ٿو.

جنھن لاءِ ضروري آھي ته حڪومت تڪڙن بنيادن تي جوڳا اپاءَ کڻي ان ھوٽل مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي، انھن انسان دشمن ظالمن کي عبرتناڪ سزا ڏئي انھن جا لائيسنس رد ڪيا وڃن جيئن ڪنھن به سياحتي مرڪز تي وري اھڙو انساني الميو ۽ انساني جانين جو نقصان ٿي نه سگھي .

۽ آخر ۾ ھڪ گذارش ته سياحتي مرڪزن تي سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ ايمرجنسي اسپتال گھر  ۽ ان سان گڏ پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن جئين مستقبل ۾ ڪنھن به قدرتي آسماني توڙي زميني آفت کان ڪوهه مري جا سياح ۽ عام ماڻھو محفوظ رھي سگھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.